سيد عابد عباس ڪاظمي

سيد عابد عباس ڪاظمي

سيد عابد عباس ڪاظمي

سيد عابد عباس ڪاظمي: سيد عابد عباس ڪاظميءَ، 27 جنوري 1969ع تي مدئجي، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم کانپوءِ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان اردو ۽ ڪيمسٽريءَ ۾ ماسٽرس ڪيائين. پوءِ ايل. ايل. بي بہ ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو. شاگرديءَ واري دور ۾ ’ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (DSF) ۾ شامل ٿيو. ضلعي شڪارپور ۽ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو صدر رهيو. 1989ع کان ’عوامي آواز‘ اخبار ۾ ڪالم لکيائين. ’سنڌي ادبي سنگت‘ ۽ ’سگا‘ مديجيءَ جو بنياد رکيائين. 1990ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل ۾ شامل ٿي ۽ ’ڪاروڪاري‘ ۽ ’انساني حقن جي تعليم‘ لاءِ پاڪستان جو Campaign Coordinator ٿيو. ڪيترن سماجي ادارن سان وابستہ رهيو. 2003ع کان ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين، ۽ ساڳئي سال کان ريڊيو پاڪستان ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. عابد ڪاظمي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندو آهي، ڪالم لکندو آهي. سندس ڪالمن ۽ فيچرن جو ڪتاب ’وساورني‘ ۽ اردو شاعريءَ جو ڪتاب ’خواب هوائين‘ (2012ع) ڇپجي چڪا آهن. کيس ڪيترا اوارڊ ۽ ملي چڪا آهن. ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ لاڙڪاڻي ضلعي جو سيڪريٽري رهيو آهي. ان کان سواءِ ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاھہ جو اسٽيشن ڊائريڪٽر بہ رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.01.27  عيسوي

سيد عابد عباس ڪاظميءَ، 27 جنوري 1969ع تي مدئجي، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جنجهي مينهين ٻائي
سرائي قربان کهاوڙ
ڀائي کيمچند
اسد قريشي
روشن جي
بيبي مغلي ۽ بيبي مرڪي
غـلام مـحـمـد لاکـو، ڊاڪـٽر
شاھہ وجيھہ الدين
سوامي گوالانند مهراج
اعتبار علي جاگيراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون