سيد ظفر علي شاهه

سيد ظفر علي شاهه

سيد ظفر علي شاھہ

سيد ظفر علي شاھہ: نامور سياستدان ۽ نوشهري فيروز جي علمي ادبي خاندان سان واسطو رکندڙ سيد ظفر علي شاھہ جو اصل نالو سيد الھندو شاھہ آهي. سندس جنم 20 نومبر 1932ع تي ڊڀري/ درٻيلي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. سندس ڏاڏو الھندو شاھہ پنھنجي وقت ۾ سنڌ جي اهم علمي ۽ سياسي شخصيت هو. سيد ظفر علي شاھہ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. هي شاگرديءَ واري زماني کان سياست ۾ سرگرم ٿيو. سائين جي. ايم. سيد ۽ قومپرست تحريڪ سان سندس گهري ويجهڙائي رهي. اڳتي هلي پارلياماني سياست ڪيائين، تڏهن بہ سندس خانداني لاڳاپا جي. ايم. سيد سان برقرار رهيا. هن پهرين چونڊ 1962ع ۾ وڙهي، جنهن ۾ ڪامياب ٿي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1970ع ۾ بہ صوبائي اسيمبلي جي چونڊ کٽيائين، ان وقت جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بل پاس ٿيڻ کان پوءِ اردودان طبقي گوڙ ڪيا، تہ هن موري ۽ ڪراچيءَ ۾ ’سنڌي زبان‘ ڪنوينشن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ زوردار تقريرون ڪيون. ان کان پوءِ مسلسل 88-1985ع، 93-1990ع، 2002ع، 2008ع وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندو رهيو آهي. ظفر علي شاھہ 1962ع ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر رهڻ دوران سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ٿيو، 1984ع ڌاري خوراڪ، ٻيلن، چوپائي مال، ماهگيريءَ جو صوبائي وزير بہ رهيو. 1985ع ۾ صنعتن، خوراڪ، زراعت ۽ چوپائي مال جي وفاقي وزارت جو قلمدان وٽس رهيو، 1989ع ۾ بجلي ۽ پاڻيءَ جو وفاقي وزير رهيو، 1993ع دوران قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر رهيو، 2008ع ۾ قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. سيد ظفر علي شاھہ، سعودي عرب، سوڊان، آمريڪا، جپان، سوئٽزرلينڊ، برطانيه، جرمني، اٽلي سميت ٻين ڪيترن ملڪن جا سرڪاري ۽ غير سرڪاري دورا پڻ ڪري چڪو آهي. هيءُ پنھنجي اصولي سياست سبب مشھور آهي. ڪجهہ عرصو اڳ پيپلز پارٽي ڇڏي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيو آهي ۽ 2013ع وارين چونڊن ۾ کٽي نہ سگهيو.


لفظ سيد ظفر علي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.11.20  عيسوي

نامور سياستدان ۽ نوشهري فيروز جي علمي ادبي خاندان سان واسطو رکندڙ سيد ظفر علي شاهه جو اصل نالو سيد الهندو شاهه آهي. سندس جنم 20 نومبر 1932ع تي ڊڀري/ درٻيلي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صدر پاڪستان
هيرو شيوڪاڻي پروفيسر
سرائي محمد علي خاصخيلي
خادم کوکر
شريف الملڪ
علي محمد پيرزادو اي ڪيو پيرزادو
امام بخش امام زرداري
آر اي شاھہ
تاج محمد مشتاق مولوي
جعفر صادق عليہ السلام امام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون