سيد صدرالدين شاهه

سيد صدرالدين شاهه

سيد صدرالدين شاھہ

سيد صدرالدين شاھہ: نامور صوفي بزرگ ۽ شاعر سيد صدرالدين شاھہ، 25 آگسٽ 1925ع تي تجل شريف ۾ جنم ورتو. شروعاتي ديني تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين ۽ گڏوگڏ پرائمري جا چار درجا بہ پڙهيو. ان کانپوءِ عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل ڪيائين. پاڻ درگاھہ جهوڪ شريف جي سجادہ نشين صوفي عبدالستار ثانيءَ جو دست بيعت ٿيو. نهايت عابد، زاهد، نماز، روزي ۽ تھجد جو پابند هو. تجل شريف جي مسجد ۾ امامت ڪندو هو. سلام ﷲ شاھہ جي تڪيي تي وچينءَ جي نماز کان پوءِ مراقبي ۾ ويهندو هو. ان کانسواءِ حڪمت بہ ڪندو هو. حڪيم شمس الدين جي دواخاني تي طب جي سکيا ورتائين. سندس طبي خدمتون مشھور آهن. سٺو شاعر بہ هو. هن سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ شاعري ڪئي، حمد، نعت، منقنت، قصيدا، نوحا، ڪافيون ۽ غزل چيائين. پنجتن ۽ 12 امامن سان گهڻي عقيدت رکندو هو. آخري وقت ۾ کيس فالج ٿيو ۽ هن 25 جنوري 2003ع تي تجل شريف ۾ وفات ڪئي. کيس سلام ﷲ شاھہ جي تڪيي جي روضي جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي 21، 22 ذوالقعد تي هر سال ميلو لڳندو آهي.


لفظ سيد صدرالدين شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.08.25  عيسوي

نامور صوفي بزرگ ۽ شاعر سيد صدرالدين شاهه، 25 آگسٽ 1925ع تي تجل شريف ۾ جنم ورتو.


2003.01.25  عيسوي

سيد صدرالدين شاهه 25 جنوري 2003ع تي تجل شريف ۾ وفات ڪئي. کيس سلام الله شاهه جي تڪيي جي روضي جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي 21، 22 ذوالقعد تي هر سال ميلو لڳندو آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلاول اوٺو
مير فيض محمد ٽالپر اول
ارشاد ڪاظمي ڊاڪٽر
گدا خاصخيلي
الطاف ملڪاڻي
صفي ﷲ فدا علوي
سيد علي شاھہ
ضياء جالنڌري
شير محمد قريشي
غلام مرتضيٰ اعظم عباسي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون