
سيد صدرالدين شاهه
سيد صدرالدين شاھہ: نامور صوفي بزرگ ۽ شاعر سيد صدرالدين شاھہ، 25 آگسٽ 1925ع تي تجل شريف ۾ جنم ورتو. شروعاتي ديني تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين ۽ گڏوگڏ پرائمري جا چار درجا بہ پڙهيو. ان کانپوءِ عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل ڪيائين. پاڻ درگاھہ جهوڪ شريف جي سجادہ نشين صوفي عبدالستار ثانيءَ جو دست بيعت ٿيو. نهايت عابد، زاهد، نماز، روزي ۽ تھجد جو پابند هو. تجل شريف جي مسجد ۾ امامت ڪندو هو. سلام ﷲ شاھہ جي تڪيي تي وچينءَ جي نماز کان پوءِ مراقبي ۾ ويهندو هو. ان کانسواءِ حڪمت بہ ڪندو هو. حڪيم شمس الدين جي دواخاني تي طب جي سکيا ورتائين. سندس طبي خدمتون مشھور آهن. سٺو شاعر بہ هو. هن سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ شاعري ڪئي، حمد، نعت، منقنت، قصيدا، نوحا، ڪافيون ۽ غزل چيائين. پنجتن ۽ 12 امامن سان گهڻي عقيدت رکندو هو. آخري وقت ۾ کيس فالج ٿيو ۽ هن 25 جنوري 2003ع تي تجل شريف ۾ وفات ڪئي. کيس سلام ﷲ شاھہ جي تڪيي جي روضي جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي 21، 22 ذوالقعد تي هر سال ميلو لڳندو آهي.
1925.08.25 عيسوي
نامور صوفي بزرگ ۽ شاعر سيد صدرالدين شاهه، 25 آگسٽ 1925ع تي تجل شريف ۾ جنم ورتو.
2003.01.25 عيسوي
سيد صدرالدين شاهه 25 جنوري 2003ع تي تجل شريف ۾ وفات ڪئي. کيس سلام الله شاهه جي تڪيي جي روضي جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي 21، 22 ذوالقعد تي هر سال ميلو لڳندو آهي.