سيد صالح شاهه سوائيءَ جو مقبرو

سيد صالح شاهه سوائيءَ جو مقبرو

سيد صالح شاھہ سوائيءَ جو مقبرو

سيد صالح شاھہ سوائيءَ جو مقبرو: سيد صالح شاھہ سوائيءَ جو مقبرو پريالوءِ، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. هن مقبري ۾ مدفن بزرگ سيد صالح محمد شاھہ پريالوءِ جي گاديءَ جو بنياد وڌو، جنهن جو نقوي ساداتن جي خاندان سان واسطو هو. سيد صالح شاھہ سوائيءَ جو مقبرو پريالوءِ شھر جي مک لنگهه ويجهو آهي. هن بزرگ جو والد سيد بھاؤالدين روهڙيءَ جو رهواسي هو، جنهن اُچ شريف تائين سفر ڪيا، اهو بہ اهل بزرگ هو. سيد صالح محمد شاھہ ڪلهوڙن جي زماني جو بزرگ هو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو وٽس ايندو رهندو هو. هن سنڌيءَ ۾ شاعري بہ ڪئي هئي. هن بزرگ جو مقبرو آڳاٽو تعمير ڪيل ڏسجي ٿو، جنهن جي ويجهڙائيءَ ۾ مرمت ڪئي وئي آهي. مقبرو هڪ حجري تي مشتمل آهي. اڏاوت ڪچي آهي ۽ ان جي پيڙھہ پڪين سرن جي آهي، جنهن تي گاري ۽ چوني جو ليپو ٿيل آهي. مهاڙيءَ ۾ ڪاٺ جو در اٿس، جنهن تي سائو رنگ ڪيو ويو آهي. مقبري جي مھڙ ۾ هڪ طاقچو آهي، جنهن ۾ در ۽ ٿنڀ گنبذي ڊزائين جا هنيا ويا آهن. اڳياڙيءَ جي طاقچي تي ٻيڙٻنو مٿي ڪري ان تي ڪنگريون نصب ڪيون ويون آهن. مقبري کي ٻيڙٻنو ڏنل آهي، ٻنهي طرفن کان هوا جي گذر لاءِ ونگدار دريون ڇڏيل آهن. محمد صالح شاھہ جي مزار مقبري ۾ آهي، جنهن کي ڪاٺ جو اولو آهي. مقبري ۾ موجود مزار سنگ مرمر جي تعمير ڪيل ٿلهي تي آهي. مقبري جي سامهون مجاورن جون بٺيون آهن، جڏهن تہ ڀر ۾ قبرستان واقع آهي، جنهن قبرستان ۾ ٻہ عدد پڪيون مزارون بہ آهن، جن کي ڇت وارا حجرا ڏنل آهن، جيڪي پڪين سرن، گاري ۽ گچ جا تعمير ڪيل آهن. مقبري جي حالت زبون آهي، جنهن کي تازي مرمت دوران مهاڙيءَ ۾ سيمينٽ جو ليپو ڏنو ويو آهي.


لفظ سيد صالح شاھہ سوائيءَ جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو