سيد صاحبڏنو شاهه بلڙيءَ وارو

سيد صاحبڏنو شاهه بلڙيءَ وارو

سيد صاحبڏنو شاھہ بلڙيءَ وارو

سيد صاحبڏنو شاھہ بلڙيءَ وارو: ڪافيءَ جي مشھور شاعر سيد صاحبڏني شاھہ بابت تمام گهٽ معلومات ملي ٿي. مخدوم طالب الموليٰ جي ڪتاب ’ياد رفتگان‘ (ص:44)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ’ڪليات سانگي‘ جي حاشيي (ص: 32-131 ۽ 407) ۽ ليکڪا، مصور ۽ ڪهاڻيڪار، شگفتہ شاھہ جي ٽماهي مهراڻ
(2011، 2-1) ۾ ڇپيل مضمون ’صاحبڏنو شاھہ بلڙيءَ وارو ۽ سندس ڪلام‘ مان خبر پوي ٿي ته، سيد صاحب ڏنو شاھہ ولد ولي محمد شاھہ، ڳوٺ بلڙي، ضلعي حيدرآباد (هن وقت ٽنڊي محمد خان) ۾، 1868ع ڌاري ڄائو. هي شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڏهين پيڙهيءَ مان هو. سندس ڀيڻويو محمد صلاح شاھہ لاولد وفات ڪري ويو، جنهن کانپوءِ صاحبڏنو شاھہ سجادہ نشين ٿيو. شگفتہ شاھہ لکي ٿي ته، ’شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام‘ ۾ ڏنل شجري ۾، شاھہ ڪريم جي گاديءَ جي سجادہ نشينن جو سلسلو جڏهن سيد عالي، سيد ميان محمد صلاح شاھہ ۽ ميان حيدر شاھہ (سجادہ نشين سيد قنبر علي شاھہ جي ٽن فرزندن) تائين پهچي ٿو تہ ٻڌايل آهي تہ اُهي ٽئي لاولد هئا، اُن لاءِ سيد صاحبڏني شاھہ کي سجادہ نشين بنايو ويو، جيڪو سيد محمد صلاح شاھہ جو سالو هو. سيد صاحبڏنو شاھہ، سنڌي، فارسي ۽ اردو زبانن جو چڱو ماهر هو، نيڪ صورت، نيڪ سيرت، بزرگ هو ۽ پنھنجي وقت جي شاعرن ۾ نمايان حيثيت رکندڙ شاعر هو. سيد صاحبڏنو شاھہ، خليفي گل کانپوءِ ٻئي دور جو شاعر هو، جنهن جي دور ۾ شاعريءَ ۾ سنڌي ماحول وڌيڪ روشن ٿيو. هن دور جي شاعرن ۾ سيد صاحبڏني شاھہ فاروقيءَ سان گڏ مير عبدالحسين سانگي، ميون وڏل حيدري، مرزا قليچ بيگ، ٻڍل بيگ، مير علي نواز ’ناز‘ علوي ۽ پير علي اصغر اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’ڪليات سانگي‘ ۾ لکيو آهي ته، ” سانگي نہ فقط پاڻ غزل کي ڳائي ۽ اوج تي پهچايو، مگر ٻين غزل گو شاعرن کي پڻ متوجهہ ڪيو ۽ نئين عروضي شاعريءَ جي ذوق جو منڊل مچايو. ’گدا‘، ’ماتم‘، ’حامد‘، ’قليچ‘، ’صاحبڏنو شاھہ‘ ۽ ’حيدري‘ هڪٻئي کي وڌيڪ ويجها ۽ هڪ ٻئي جي سخن کان آشنا هئا.“ (ص: 84). صاحبڏني شاھہ بلڙيءَ واري کي، سانگيءَ، مجازي طور ’مرشد‘ سڏيو آهي ۽ سندس وفات تي هن فارسيءَ ۾ ’بماتمِ مرشديم‘ عنوان سان مرتيو بہ لکيو هو. سانگي، صاحبڏني شاھہ کي هن ريت خراج تحسين پيش ڪيو آهي: وري ورهين کان پوءِ آيو آهي ’صاحبڏنو‘ سائين، ڏسي مُنهن پاڪ مرشد جو، اکين کي ٺار ٿيو آهي. - گُلِ گلزار حيدر جي اچڻ کان اڄ اسان جو گهر، معَطّر سو سڄو ئي غيرتِ گلزار ٿيو آهي! - وڻي هيءَ مصرعِ موزون ’سانگيءَ‘ کي آ مُرشد جي، حُسن جي فوج جو سھڻو سپھہ سالار ٿيو آهي. (ديوان سانگي (1) ص: 68) صاحبڏنا سائين مرشد ڪامل، ياد پون ٿيون پيارا پل پل، محب مٺا منٺار، وارث تنھنجون وايون وايون! (ڪافي) صاحبڏنو شاھہ، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تڙ ڏاڏي شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي درگاھہ ڪريميءَ جو سجادہ نشين هو، پر سندس حقيقي مرشد شاھہ عبداللطيف هو، جنهن جو پنھنجي ڪلام ۾ ذڪر بہ ڪيو اٿس، هونئن بہ سندس ڪلام تي شاھہ لطيف جو نمايان اثر آهي. ريڊيي پاڪستان حيدرآباد تان ماضي قريب ۾، عابدہ پروين ۽ محمد يوسف جي آوازن ۾ هڪ پُر سوز ڪافي ٻُڌڻ ۾ ايندي هئي: من گهُرئي مشتاق سان، جيئري جدائي ڪيمَ ڪر، برھہ وارن ساڻ بيحد بيوفائي ڪيمَ ڪر. - جاسين آءٌ جيئرو هجان، تاسين نہ ٿي پلُ تون پري، واسطي جي اڄ، وِرھہ وائي ڪِيمَ ڪَر! - حسن جي سرڪار ۾ عاشق رهن صاحب سدا، اي ميان ’صاحبڏنا‘، گهر گهر گدائي ڪيمَ ڪر. تہ ان کي اڪثر ٻڌندڙ، سچل سائينءَ جي ڏاڏي ’صاحبڏني فاروقيءَ‘ جي ڪافي سمجهندا هئا، پر اها ڪافي اصل ۾ صاحبڏني شاھہ بلڙيءَ واري جي آهي. سيد صاحبڏني شاھہ جي ڪلام جي اصل نسخي بابت روايت ملي ٿي تہ اُهو وڃائجي ويو هو. سندس خاندان جي ڪيترن فردن ۽ ٻين محققن اهو ڪلام ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين ڪا خاص ڪاميابي حاصل نہ ٿي. اڳتي هلي صاحبڏني شاھہ جي ننڍي پُٽ غلام شاھہ ڪريميءَ، ڪوشش ڪري ڪافي ڪلام گڏ ڪيو، پر هو پنھنجي زندگيءَ ۾ شايد زماني جي بيقدري ۽ وسيلن جي کوٽ جي ڪري، ڇپائي نہ سگهيو. ڪيتري عرصي کانپوءِ سندس پونيرن وٽان اهو غلام شاھہ ڪريميءَ جي هٿ اکرين لکيل مواد، نامياري ليکڪا، مصور ۽ ڪهاڻيڪار شگفتہ شاھہ کي هٿ آيو. صاحبڏني شاھہ جي سهيڙيل ڪلام بابت غلام شاھہ ڪريميءَ جي هٿ اکري تحرير ۾ ڄاڻايل آهي تہ: ”سانگي مرحوم جو دور سنڌي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت وارو آهي. انهي سھڻي ۽ نامياري سٿ ۾ جيڪي شاعر اچن ٿا، تن ۾ والد مرحوم پير سيد صاحبڏني شاھہ ڪريم پوٽي جو هڪ خاص مقام آهي، مگر فلڪ ڪج رفتار مرحوم جي هن اهميت کي جائز هنڌ تائين پهچڻ نہ ڏنو، ويتر جو مرحوم جو بياض سندس وفات کانپوءِ وڃائجي ويو. والد بزرگوار 1914ع ۾ وفات ڪئي. بياض وڃائجي وڃڻ کانپوءِ ڪي سال گذري ويا، مگر صاحبڏني شاھہ جو ڪلام ڪن جهونن جي واتان ٻُڌڻ ۾ پئي آيو. آخر 1936ع ڌاري جڏهن بياض جي دريافت جا امڪان گهٽ ٿيندا ويا ۽ ٻئي پاسي وري موتَ اُنهن جهونن کي دنيا جي سفر کان ٿڪل مسافرن وانگر پنھنجي هنج ۾ سمهاري ڇڏيو تہ مون اهو پڪو پھہ ڪيو تہ جيتريقدر ٿي سگهي، جن ماڻهن کي والد مرحوم جو ڪلام ياد هو، حاصل ڪري لکي وٺان. اهو ڪم بظاهر سولو ٿي لڳو، پر ڪجهہ منهنجي پنھنجي ذاتي مشڪلن ۽ ڪجهہ وري ٻھراڙيءَ جي دوستن، مريدن جي اڪثريت جو ناخوانده يا نيم خواندہ هئڻ ڪري ڪلام اڻپورو يا غلط سلط پئي مليو. اول الذڪر ذاتي مشڪلن ۾ هڪ مشڪل اها هئي تہ والدہ مرحومه، ايران جي شاهي صفوي خاندان مان، شھزادي محمد رضا آصف صفويءَ جي نياڻي هئي، جنهن جي مادري زبان فارسي هئي. والد مرحوم جڏهن وفات ڪئي تہ آءٌ فقط ستن مهينن جو هئس. مون کي ماءُ ۽ ناناڻن ڪراچيءَ ۾ نپايو، تنهنڪري ’سنڌي النسل‘ هوندي بہ 20، 21 ورهين تائين پوري سنڌي نہ ايندي هئم. والد مرحوم جو هڪڙو ۽ شايد پهريون ڪلام زباني والدہ مرحومه کان ٻڌم تہ گهڻو سمجهي ڪونه سگهيس، تاهم دل کي آساسُ پئي آيو. ڪافي هئي: عُمر! ياد آيا مُون اڄ هِن اباڻا، وهن نيڻ جن لئہ نِيئر ۾ نماڻا! اباڻي محبت ۽ پيءُ جي وڃايل ڪلام کي سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ آءٌ سنڌي سکڻ کي جُنبي ويس.“ غلام شاھہ ڪريميءَ جي هٿ اکرين لکيل ڪلام جو وچور محترمہ شگفتہ شاھہ هن ريت ڏنو آهي: ڪافيون 104 (98 سنڌي، 06 سرائڪي)، غزل 24، جاڳا 02، مولود 06، مدح 01، بيت 14، مشڪوڪ ڪلام: 2 بيت ۽ 2 غزل. صاحبڏني شاھہ جي ڪافين سان گڏ سندس غزلن ۾ بہ لوڪ رنگ ظاهر آهي، اڪثر غزلن جي اڳيان سُر لکيل آهن، جيئن: سورٺ، درٻاري، ڪانڙو، جوڳ- مغلي، ڀيروي ۽ بهاڳ- ڀوپالي وغيرہ. هن سهيڙ ۾ ”من گهرئي مشتاق . . . “واري ڪافيءَ کي غزل لکيو ويو آهي. هونئن بہ سچل سرمست کان وٺي صاحبڏني شاھہ تائين لکيل اڪثر غزلڪافي نما غزل‘ آهن. ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ صاحبڏني شاھہ ڪريمي بلڙيءَ واري ڪلام تي تحقيق ڪري، هن ڪلاسيڪي دور جي آخري شاعرن مان هڪ اهم شاعر جو ڪلام شايع ٿيڻ گهرجي. سيد صاحبڏني شاھہ، 3 جون 1914ع تي وفات ڪئي. سندس ٻہ ڪافيون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون: (1) غرق ٿياسين در غب غب، لاشڪ آهيون لامذهب! موتو قبل جو پيو پيالو، مست وتان ٿو آءٌ متوالو، عشق سيکاري رمز عجب! ڪڏهين مومن هندو چوايون، هر مظهر ۾ پاڻ لڪايون، سالڪ سمجهن تنهنجو سبب! صاحبڏنا! ڪثرت سان ڪاهي، وحدت پڙ ۾ واڳ ورائي، مَرد ڪُڏائن ٿا مرڪب! (2) رات وِڄن رنگ لاياوي، بادل هرجا ڪئي بھاري! مينهن موڪون ڪيون مُلڪ تي، ريج سريج رَسايا وي! هر هنڌ هَر وهائن هاري! ڪڇ، قلات، ڪُلمبو، ڪابل، واحد ڪُل وسايا وي! سانوڻ سبزي ڪئي سنڌ ساري! ڏک، ڏُڪار، ڏُولاوا ڏيھہ تان، واليءَ ڪُل وِڃايا وي! صاحب جي ڏس هيءَ ستاري! سارنگ، سورٺ اڄ سنگهارن، گيتَ ڳھن ۾ ڳايا وي! مُنهن مرڪن، چون ملاري! صاحبڏنا، اڄ اڱڻ اسان جي، دوست هلي گهر آيا وي! پِرين پَت پِرت جي پاري!


هن صفحي کي شيئر ڪريو