سيد سلطان شاھہ جي مزار: هي مزار ميان جا قبا لڳ دولتپور، ضلعي بينظيرآباد ۾ آهي، جيڪا ميان نور محمد جي قبرستان جي چوڌاري نڪتل ڪوٽ جي اولھہ ۾ آهي. سيد سلطان شاھہ هڪ وڏو جيد عالم، بزرگ، حال ۽ قال جو صاحب هو. سندس مزار ننڍڙين ڪچين سرن جي ٺهيل آهي، مٿيئن پاسي ڪاشيءَ جي سر جو هي ڪتبو لڳل آهي:
هو الباقي وصال مرحوم مغفور جنت نشين،
سيد ميان سلطان شاھہ عليہ رحمت والغفران 700 ھہ.
سيد سلطان شاھہ اصل اُچ شريف جو ويٺل هو ۽ ترخانن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ اچي رهيو. سيد سلطان شاھہ پنھنجي دؤر جو وڏو ولي ڪامل، درويش ۽ سالڪ مجذوب ٿي گذريو آهي. قاضي ميان قطب الدين خانواهڻ وارو، قاضي ميان الھہ بخش جي احوال ۾ هن بزرگ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، سيد سلطان شاھہ اُچي بزرگن مان هو، وڏو حال ۽ قال جو بزرگ ۽ صاحب ڪرامت شخص هو. سالڪ مجذوب هو. ميان الهبخش جو جدامجد قاضي ميان محمد فريد، وفات کانپوءِ سندس ئي خانقاھہ ۾ دفن ٿيو. روايت آهي تہ ميان نور محمد ڪلهوڙي هن سيد سڳوري کان سلوڪ جي راھہ جون منزلون طئي ڪيون هيون. سيد سلطان شاھہ جي فيض ۽ اثر جي ڪري ميان صاحب پنھنجي آخري آرام گاھہ پڻ سندس ئي پاڙي ۾ ڪرڻ گهري ۽ شاھہ صاحب جي ڀرسان پنھنجي اولاد، اميرن، وزيرن ۽ سردارن سان گڏ ابدي آرامي آهي. سيد سلطان شاھہ جي ٽن طبقن واري مزار ٿلهي تي ٺهيل آهي، جنهن تي ڪتبو لڳل آهي.