سيد سبط حسن

سيد سبط حسن

سيد سبط حسن

سيد سبط حسن: سيد سبط حسن، ڏکڻ ايشيا جو مشھور ترقي پسند صحافي، اديب ۽ محققق ٿي گذريو آهي، هو 31 جولاءِ 1916ع تي هندستان جي رياست اتر پرديش جي اعظم ڳڙھہ شھر ۾ پيدا ٿيو. عليڳڙھہ مسلم يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪيائين. بعد ۾ اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. 1947ع کان پوءِ ترقي پسند فڪر جي پکيڙڻ لاءِ هو پاڪستان لڏي آيو. پاڪستان ۾ مارڪسز ۽ سوشلزم جي اهم ليڊرن ۾ سيد سبط حسن جي وڏي اهميت آهي. هتي ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ جو روح روان ۽ سرگرم رڪن ٿي ڪم ڪيائين. اردو رسالن ’نيا ادب‘، ’ليل و نهار‘ ۽ ’پاڪستاني ادب‘ جو پڻ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين، ان ڪري سبط حسن کي هڪ صحافيءَ طور بہ وڏي مڃتا حاصل رهي آهي. اصل ۾ هن جي درست سڃاڻپ هڪ ’ادبي محقق‘ واري آهي. سيد سبط حسن تھذيب ۽ تاريخ جي ميدان ۾ جديد انداز سان نروار ٿيو ۽ اردو زبان ۾ ڳچ ڪتاب لکيائين. سندس ڪتابن جي وڏي اهميت آهي. هن جا ڪي ڪتاب هن ريت آهن:
(1) موسيٰ سي مارڪس تڪ، (2) شھرِ نگاران، (3) ماضي ڪي مزار،
(4) انقلابِ ايران، (5) ادب اور روشن خيالي، (6) ڀڳت سنگهہ اور اس ڪي ساٿي، (7) مارڪس اور مشرق، (8) سخن در سخن، (9) افڪار تازه،
(10) نويد فڪر، (11) پاڪستان ۾ تھذيب ڪا ارتقا وغيرہ. هي سڀ ڪتاب اردوءَ ۾ آهن. هڪ ڪتاب ’پاڪستان ۾ فڪري جنگ‘ انگريزي زبان ۾ لکيائين. سيد سبط حسين، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ صوفي شاھہ عنايت شھيد تي بہ مقالا لکيا آهن. صوفي صاحب تي سندس لکيل عاليشان مضمون، رشيد ڀٽي مرحوم، ’نويد فڪر‘ ڪتاب مان سنڌي زبان ۾ ’جڏهن جهوڪ جهريو‘ عنوان سان ترجمو ڪيو هو. سندس ڪتاب ’موسيٰ سي مارڪس تڪ‘ جو سنڌي ترجمو ’موسيٰ کان مارڪس تائين‘ عنوان سان نوجوان محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ سندس ننڍي ڀاءُ رياضت ٻرڙي ڪيو آهي، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ، 2010ع ۾ ڇپيو آهي.
ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند ادب جي لھر 1930ع ڌاري شروع ٿي هئي، جنهن ۾ سيد سبط حسن اهم ڪردار ادا ڪيو هو. 1942ع ۾ هو ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ۾ شامل ٿيو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ پيٽ پالڻ سان گڏ فڪري تحريڪن ۾ فعال ڪردار ادا ڪيائين. 1985ع ۾ لنڊن ۾ ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ جي گولڊن جوبلي تقريب منعقد ٿي تہ ان ۾ بہ خوب بھرو ورتائين ۽ اتي ان عنوان تي هڪ زبردست مقالو پيش ڪيائين. ساڳئي قسم جي ميڙاڪي ۾ شرڪت لاءِ 1986ع ۾ هندستان پڻ ويو هو ۽ واپس پاڪستان موٽي رهيو هو تہ دهليءَ ۾ 20 اپريل 1986ع تي دل جي دوري پوڻ سبب سندس وفات ٿي. سندس ميت کي ڪراچيءَ ۾ آڻي دفن ڪيو ويو. ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ سيد سبط حسن، ننڍي کنڊ جي ترقي پسند ليکڪن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.


لفظ سيد سبط حسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.07.31  عيسوي

سيد سبط حسن، ڏکڻ ايشيا جو مشهور ترقي پسند صحافي، اديب ۽ محققق ٿي گذريو آهي، هو 31 جولاءِ 1916ع تي هندستان جي رياست اتر پرديش جي اعظم ڳڙهه شهر ۾ پيدا ٿيو.


1986.04.20  عيسوي

سيد سبط حسن 20 اپريل 1986ع تي دل جي دوري پوڻ سبب سندس وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جميل احمد ميمڻ
خير محمد نظاماڻي
اقبال حامد
توفيق علي منگي
غازي صلاح الدين
خالد کوکر
ارشد شريف
دين محمد وفائي مولانا
اسلم چنا
شبير تابش
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون