سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي: استاد، شاعر ۽ محقق. 5 جنوري 1961ع تي، سيد سبحان علي شاھہ جي گهر، بُڪيرا شريف ۾ پيدا ٿيو، سندس تعليم بي. اي بي. ايڊ آهي. 1986ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو. لکڻ جي شروعات پرائمري کان ڪئي. سندس شاعري ’عبرت‘، ’ڪاوش‘، ’سماجي دنيا‘ (مئگزين)، ’عبرت‘ (مئگزين) ۽ ’انڪشاف‘ اخبار ۾ سندس ڪيترائي علمي، تحقيقي ۽ تاريخي مضمون اخبار ۾ شايع ٿيل آهن. سندس طبع هيٺ آيل صنفن ۾: غزل، وائي، ڪالم، ڪتاب تي تبصرو، ڪهاڻي، نثري ٽڪرا، بُڪيرا شريف جي حوالي سان تاريخي ۽ تحقيقي مضمون شامل آهن. کيس، تعليم کاتي ۾ پنھنجي فرض جي بھترين ادائيگيءَ تي تعليم کاتي، سنڌ پاران روڪ رقم، تعريفي سرٽيفڪيٽ، بھترين هيڊ ماستر جو اعزاز ۽ شيلڊ پڻ ملي چڪي آهي. پاڻ، حيدرآباد ۾ پنھنجي ڪٽنب سان گڏ آباد آهي ۽ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو سرگرم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.01.05  عيسوي

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي 5 جنوري 1961ع تي، سيد سبحان علي شاهه جي گهر، بُڪيرا شريف ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نرنجن دوداڻي ڊاڪٽر
حاجي خان مڱڻهار
صمه حاڪم سنڌ
پاڪ سنگهار
راجا نند
غلام مصطفيٰ خان ڊاڪٽر
ڀڳتياڻي ھَرِي ديوي
آسو
جان ملٽن
فيروز احمد ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون