سيد حيدر شاھہ1

سيد حيدر شاھہ1: سـيد حـيـدر شاھہ ولد سـيد اســمـاعـيــل شـاھہ، 30 مارچ 1813ع تي حيدرآباد شھر ۾ ڄائو. پاڻ عربي، فارسي، سنڌي، علم جعفر ۽ علم نجوم جو ڄاڻو هو. هن ابتدائي تعليم مٽيارين جي مشھور استاد مولوي عبدالڪريم کان حاصل ڪئي. حيدرآباد توڙي آسپاس جا ڪيترائي ماڻهو سندس معتقد ۽ مريد هوندا هئا. سيد حيدر شاھہ علم موسيقيءَ جي اصول تي شعر چوندو هو. هن جي ڏوهيڙن جو ڪتاب ’ليليٰ مجنون‘ بمبئيءَ جي ليٿو پريس مان شايع ٿيو، جيڪو مڪتبن ۾ درسي ڪتاب وانگي پڙهايو ويندو هو.
سيد حيدر شاھہ 78سالن جي ڄمار ۾ 4 رمضان 1306ھہ/7 مئي 1889ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1813.03.30  عيسوي

سـيد حـيـدر شاهه ولد سـيد اســمـاعـيــل شـاهه، 30 مارچ 1813ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڄائو.


1889.05.07  عيسوي

سيد حيدر شاهه 78سالن جي ڄمار ۾ 4 رمضان 1306هه/7 مئي 1889ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد علي ثاني
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
شيخ عبدالمجيد الامجد
مخدوم محمد عارف سيوستاني
شيخ ڪبير
عبدالخالق ڪنڊياروي مولانا
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
مخدوم امير احمد
محمد عثمان ڀنڀرو
عبداللطيف ثاني ٺٽوي مخدوم
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون