سيد حيدر شاھہ اجناڻي

سيد حـيـدر شاھہ اجناڻي: سيد حيدر شاھہ اجناڻيءَ جي ولادت 15 ڊسمبر 1917ع تي ٿي. سندس والد بزرگوار سيد مٺن شاھہ نهايت نيڪ، عابد ۽ باشرع بزرگ هو ۽ پنھنجي حلقهء احباب ۾ امين مشھور هو. سندس شفقت پدريءَ مان گهڻو ڪجهہ پرايائين. سندس شجره نسب، حضرت امام موسيٰ ڪاظم کان ٿيندو حضرت علي عليہ والسلام سان ملي ٿو. علم و ادب سان چاھہ کيس خانداني ورثي ۾ مليو. 15 سالن جي عمر ۾ ’رشيده‘ عنوان سان افسانو لکيائين. هڪ ڪتاب ’زميندار‘ بہ لکيائين ۽ ’عظيم ترين افڪار‘ نالي ڪتاب ترتيب ڏنائين. سب جج جي حيثيت سان نوڪري ڪيائين ۽ سيشن جج جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. نهايت جوش ۽ خوش اخلاق ۽ شيرين گفتار شخص ۽ سٺو شاعر هو. سندس شاعريءَ جو مجموعو، طالب الموليٰ اڪيڊميءَ شايع ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.12.15  عيسوي

سيد حيدر شاهه اجناڻيءَ جي ولادت 15 ڊسمبر 1917ع تي ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد شھيد بريلوي
ساڌو هيرانند
قبول ابڙو
خانبهادر عظيم خان دراني
بختيار بيگ
انو سولنگي
غلام حسين شيخ 2
آمنہ حامد زبيدي
ابڙو محمد سليمان سليم
جهمٽ مل واڌواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون