سيد حسين شاھہ جي مزار: سيد حسين شاھہ عرف ڪاڇيلاڻي جي مزار ضلعي ٺٽي تعلقي جاتي ۾ ميرپور بٺوري رستي تي مير خانہ موري جي اولھہ ۾ واقع آهي. هي بزرگ ٻہ سؤ سال اڳ جو چيو وڃي ٿو. مقامي روايتن مطابق هن بزرگ جو اچڻ ڪڇ کان ٿيو. پاڻ زهد و تقويٰ جو صاحب هو. سندس مزار تي ساليانو ميلو بہ لڳندو آهي.