سيد حاڪم شاھہ پٽ واري جو ميلو: اتر سنڌ ۾ حاڪم شاھہ پٽ واري جو ميلو'>سيد حاڪم شاھہ پٽ واري جو ميلو هر سال 9، 10 ۽ 11 صفر تي ميرو خان ۾ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي راند، سرڪس، موت جو کوھہ، پتلي تماشو، ٻارن لاءِ جهولا، مختلف شين جا اسٽال سينگارڻ جو انعامي مقابلو پڻ ٿيندو آهي. ان کان علاوہ ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ ٽي. وي ۽ ريڊيو جا مشھور فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آهن.