سيد حافظ شاهه ’حافظ‘ حسيني

سيد حافظ شاهه ’حافظ‘ حسيني

سيد حافظ شاھہ حافظ حسيني

سيد حافظ شاھہ ’حافظ‘ حسيني: سيد حافظ شاھہ حسيني ولد سيد الھہ بخش شاھہ حسيني 22 فيبروري 1923ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس تخلص ’حافظ‘ هو. سندس تعليم ۽ تربيت پنھنجي گهر کان شروع ٿي. مشھور شاعر حافظ ’دلگير‘ وٽ ٻہ سال ديني تعليم حاصل ڪيائين. چئن درجن کانپوءِ حيدرآباد اڪيڊمي هاءِ اسڪول ۽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1951ع ۾ بي. اي (آنرز) ۽ ايل ايل بي پاس ڪري، ٽنڊي محمد خان ۾ وڪالت شروع ڪيائين. پاڻ وڪالت سان گڏ علم، ادب ۽ شـعـر ۽ شـاعريءَ سان بہ وابستہ رهيو. ان سلسلي ۾ ادارہ سـنڌي ادب ٽنڊو محمد خان سندس سرپرستيءَ ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب ڇپايا.
حافظ شاھہ جا ترجمو ڪيل ڪتاب ’تباهي‘، ’آئين زندگي‘ ۽ ’داستانِ غم‘ بہ ان اداري جا شايع ڪيل آهن.
حافظ شاھہ ڪامياب وڪيل، سٺو نثرنگار ۽ بھترين شاعر هو. سندس شاعريءَ فني لحاظ کان تعريف لائق آهي. صحافتي ادب ۾ سندس ايڊٽ ڪيل رسالو ’لطف‘ بہ هڪ عمدو يادگار آهي. شاھہ صاحب ڪيترن اهم ادارن جو قانوني مشير بہ رهندو آيو.
10 مئي 1974ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.02.22  عيسوي

سيد حافظ شاهه حسيني ولد سيد الهه بخش شاهه حسيني 22 فيبروري 1923ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو.


1974.05.10  عيسوي

سيد حافظ شاهه ’حافظ‘ حسيني 10 مئي 1974ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير اشرف شاھ ڪاماري وارو
دکايل هوندراج
طالب الموليٰ مخدوم محمد زمان
سڳن آهوجا
محبوب سروري
اداسي جکراڻي
جاگيراڻي سرتاج
علي حيدر ملڪاڻي
جلال کٽي
شيلي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون