سيد بيرنگ بادشاھہ

سيد بيرَنگ بادشاھہ: مشھور صوفي شاعر بيرَنگ بادشاھہ جو اصل نالو سيد محمد اسماعيل ولد سيد غلام شاھہ هو. هن 1901ع ڌاري مدئجيءَ ڀرسان ڳوٺ آرائين، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. هو سنڌي تعليم پنھنجي ڳوٺ واري اسڪول مان، عربي ۽ فارسي ڳوٺ جندي ديري ۽ عرضي ڀٽي جي ديني مدرسي ۾ پڙهيو. روحاني فيض آگاڻي جي بزرگ سائين سلطان شاھہ تارڪ کان حاصل ٿيس، جنهن کيس ’بيرَنگ‘ جو خطاب بخشيو. زندگيءَ جو ڪافي عرصو اتي رياضت ۽ مرشد جي خدمت ۾ گذاريائين. بيرَنگ بادشاھہ ڪيترو ئي صوفياڻو ڪلام چيو آهي. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ ’بيرَنگ‘ تخلص سان گڏ ’راز‘ ۽ ’اسماعيل‘ بہ ڪتب آندو آهي. بيرَنگ بادشاھہ راڳ جو شوقين هوندو هو. سڄي رات جاڳي ويراڳ ۾ گذاريندو هو. نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو ماهر هو. يڪتارو ۽ طبلو وڄائڻ جي سٺي ڄاڻ رکندو هو. هميشہ گيڙو رتا ڪپڙا ۽ مٿي تي تاج وانگر ڊگهو ٽوپ پائيندو هو. هٿ ۾ بيرَنگ يا ڪندري کڻندو هو، جنهن ۾ ڳاڙهو علم ٻڌل هوندو هو. بيرَنگ بادشاھہ ڪڏهن ڪڏهن فاقي، مراقبي ۽ گوشانشييءَ واري حالت ۾ رهندو هو. سندس ڪلام جو مجموعو قلمي صورت ۾ موجود آهي، جيڪو سندس ئي هٿ اکر لکيل آهي. سندس اکر تمام سھڻا هوندا هئا.
هن 11 نومبر 1944ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڳوٺ آرائين تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو