سيد باغن شاھہ: صوفي بزرگ ۽ شاعر سيد باغن شاھہ، سيد ڏتل شاھہ ڀل واري (تعلقي شڪارپور) جو طالب هو. سيد باغن شاھہ، خير محمد صوفيءَ جو صحبتي هو ۽ بيدل فقير جو بہ معتقد هو. جڏهن تہ شاھہ نصير الدين نوشهري فيروز واري جو پڻ طالب هو. سلوڪ وارو فقير هو. سندس هڪ ڪافي اوڻويهين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ هري سنگهہ جي ڇپايل ڪافين واري ڪتاب ۾ شامل آهي، جنهن سان ڄاڻ پوي ٿي تہ سيد باغن شاھہ ان وقت جي حال حيات هو يا ان کان ٿورو اڳ گذاري ويل هو. سندس ڪافيءَ جو نمونو هي آهي:
عشق آهي آفات، وجهي ٿو ونگ وڇيرن کي،
انهيءَ اڏيءَ تي ڪيئي آيا، ڪانہ پڇي ٿو ذات،
ڪاملن جي آ ڪار ڪسڻ جي، طالبن کي اها تات،
سورهين تات سر ڏيڻ جي، ڏينهن توڙي رات،
’باغن شاھہ‘ برھہ بقا جي، سالڪ سمجهه صفات.