سيد اصغر علي شاهه عاجز

سيد اصغر علي شاهه عاجز

سيد اصغر علي شاھہ عاجز

سيد اصغر علي شاھہ ’عاجز‘ : شاعر ۽ ليکڪ سيد اصغر علي شاھہ ولد سيد عطاءُ الرحمٰن شاھہ، 5 جنوري 1969ع تي تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ ٽنڊي علي شير شاھہ ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل پني عاقل تعلقي جي ڳوٺ پنهواريءَ جا آهن. هن ايم. اي (سنڌي ادب) پهرين پوزيشن سان پاس ڪئي. عملي زندگيءَ ۾ استاد طور 1990ع کان 2001ع تائين مهراڻ ماڊل اسڪول پني عاقل ۾ پڙهايو، ان بعد ڪجهه سال گونمينٽ هاءِ اسڪول پني عاقل ۾ جي. ايس. ٽي (JST) ٿي رهيو. 2006ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ هن وقت پير جي ڳوٺ ڪاليج ۾ ذميواريون سر انجام ڏئي رهيو آهي. سيد اصغر علي شاھہ 1990ع کان ادبي کيتر ۾ مضمون نگاريءَ ۽ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن جي شايع ٿيل ڪتابن تي ڊاڪٽر تنوير عباسي، ملڪ نديم، ادل سومري، اياز گل ۽ ٻين جا رايا لکيل آهن.
سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’مون جي موتي ميڙيا‘
(شاعري ۽ نثري ٽڪرا)، (2) ’آءُ تہ ٻاريون لاٽ‘ (شاعري)، (3) ’گولڊن فلاورس‘ (انگريزيءَ ۾ شاعري)، (4) ’جي مون کان سچ پڇو‘ (مضمون ۽ نثري ٽڪرا)، (5) ’فرقي پرست ڪفر جا گاڏا‘ (مضمون ۽ شاعري).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.01.05  عيسوي

شاعر ۽ ليکڪ سيد اصغر علي شاهه ولد سيد عطاءُ الرحمٰن شاهه، 5 جنوري 1969ع تي تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ ٽنڊي علي شير شاهه ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اقبال احمد پيرزادو ڊاڪٽر
اقبال علامہ ڊاڪٽر
سعيدالزمان عاطف
ابراهيم منشي
جبار تاثير سومرو
حاجي محمد يوسف ميمڻ
عرض محمد خان لغاري نواب
نظر علي فقير زنگيجو
مير صوبدار خان مير ٽالپر
ستار پيرزادو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون