سيد احمد شاھہ

سيد احمد شاھہ (گائڪ): سيد احمد شاھہ اصل ڳوٺ جوڻالي، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز جو رهواسي هو، جوانيءَ ۾ اُتان لڏي ضلعي دادوءَ جي بٺ پاڙي ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. هي راڳ ۽ رنگ جو ڄاڻو هو، صوفياڻو ۽ عارفاڻو ڪلام ڳائيندو هو. شادي مراديءَ کانسواءِ پيرن فقيرن جي درگاهن تي بہ ڳائيندو هو. شاھہ عبداللطيف جي سرن تي عبور حاصل هئس. سيد احمد شاھہ 1978ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو