سيدن ۽ دائودپوٽن جي جنگ

سيدن ۽ دائودپوٽن جي جنگ: غلام رسول مھر پنھنجي ڪتاب ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”جھان خان بن بختيار خان جي چوڻ تي 1112ھہ/ 1700ع ۾ دائودپوٽن ڏهر قبيلي سان جنگ ڪري کين زير ڪيو، اهو لقاءُ ڏسي بقاري سيدن مان سيد شير ارزان رضوي، جيڪو ڏهرن جو سرگرم حامي هو، تنهن پني خان جي قلعي تي حملو ڪري جھان خان کي سبق ٿي سيکارڻ چاهيو. ان وقت دائودپوٽن جي فوج ڏهرن کي زير ڪرڻ ۾ مشغول هئي. اهي جڏهن اتان فارغ ٿيا، تڏهن بقاري سيد شير ارزان رضوي پنھنجي خاص صلاحڪار منڱڻ سان گڏ هڪ وڏو ڪٽڪ وٺي مقابلي لاءِ آيو. ٻنهي ڌرين ۾ زبردست جنگ لڳي. تاريخي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي تہ هيءَ لڙائي پنجن ڏينهن تائين هلندي رهي. آخر ڇهين ڏينهن منڱڻ جي مقابلي لاءِ محمد پني خان ميدان ۾ نڪري آيو. محمد پني خان هڪ ئي وار سان منڱڻ جو سر قلم ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ بقاري سيدن ۾ مقابلي جي طاقت نہ رهي ۽ آخر سيد شير ارزان رضوي، امير محمد مبارڪ خان کي صلح جي درخواست موڪلي، جنهن کانپوءِ جنگ بند ٿي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو