سيتل داس سوامي: سماج سڌارڪ، شاعر، ڊراما نگار ۽ اداڪار مهراج سيتل داس سوامي، پني عاقل لڳ بائجي جي مشھور برهمڻ خاندان ۾ ڀاڳچند ٻانڀڻ جي گهر 1910ع ۾ ڄائو. هن مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد پوليس کاتي ۾ نوڪري اختيار ڪئي، پر ڪجهہ سالن بعد استعيفا ڏنائين. ننڍيءَ عمر ۾ سندس شادي نوراجا جي ٻانڀڻ خاندان مان مولي ٻائي سان ٿي، جيڪا ورهاڱي کانپوءِ ڪٽنب سميت ڀارت لڏي وئي. سيتل داس شروع ۾ مهاسڀائي هو ۽ پني عاقل ۾ مهاسڀائي هندو نوجوانن کي سياسي تربيت ڪندو هو. پاڻ وڏو شاعر هو. شاھہ، سچل سامي ۽ روحل سان عقيدت رکندو هو ۽ صبح جو پوڄا پاٽ ۽ چھل قدميءَ کانپوءِ سندن شاعري پڙهڻ معمول هيس. مخدوم طالب المولى سان بہ ويجهڙائي هيس، جنهن کي استاد ڪوٺيندو هو. غلام حيدر شاھہ ڀٽ شاھہ واري ۽ پير آف ٿلهو شريف سان اچڻ وڃڻ جو سلسلو هئس.
سيتل داس سواميءَ جو هڪ حادثي ۾ هٿ ڪپجي ويو، تنهن هوندي بہ ٺونٺ سان پين ٻڌرائي، سهڻن اکرن ۾ شاعري لکندو هو. شاعريءَ ۾ ’داس‘ تخلص اختيار ڪيائين. سندس شاعريءَ جا 8 مسودا اڻ ڇپيل حالت ۾ سندس پاليل ٻالڪي لعل چند وٽ محفوظ هئا. پر وقت جي گردش ۾ اهو مواد گم ٿي ويو.
پني عاقل شھر ۾ قائم ايم. ايس پبلڪ اسڪول سندس نالي سان منسوب آهي، جنهن جو قيام مهراج سيتل داس جي خرچ سان ٿيو.
سيتل داس بھترين ڊراما نگار، آرٽسٽ ۽ والي بال جو سٺو کيڏاري هو. هر سال پني عاقل شھر ۾ ملڪي سطح جون شوٽنگ بال ٽورنامنٽون منعقد ڪرائيندو هو.
هن شھر ۾ ڪيترائي بھترين ڊراما اسٽيج ڪيا. ڪن حاسدن کيس تڪليفون بہ ڏنيون، پر پوءِ بہ هن سماجي ڀلائيءَ جا ڪم جاري رکيا. سندس خرچ سان تعمير ڪيل پبلڪ اسڪول سندس حياتيءَ ۾ ئي نيشنلائزڊ ٿيو.
سيتل داس سوامي، 8 آگسٽ 1981ع تي وفات ڪئي.