سيتلا ماتا مندر رتن تلاءُ: فريئر روڊ ڪراچيءَ کان برنس روڊ ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي هنومان مندر لڳ سوڙهي گهٽيءَ ۾ ستلا ماتا جو مندر مندر موجود آهي، جنهن جي دروازي تي لکيل آهي ’مائي جنت ڪا تعزيا‘. مندر جي پسگردائيءَ ۾ مندر جي زمين تي دڪان ٺھي ويا آهن. مندر جو ڪمرو بچيل آهي، جنهن ۾ ٽي سماڌيون هيون. مندر جي هڪ ڪنڊ تي مائي جنت جي تعزيي جو عَلم رکيل آهي ۽ مائي اندر رهي ٿي. هتي مزدور رنگ وغيرہ جو سامان اچي رکندا آهن. هن مندر جي حفاظت نہ ڪئي وئي تہ ان جا آثار مٽجي ويندا.