سيتا نئن: هيءَ نئن ديھہ ڪوهستان ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ جي سڀ کان مشھور نئن آهي ۽ پنھنجي وجود ۾ سوين ور وڪڙ رکي ٿي. هر وڪڙ ۾ وڏيون جابلو ٽڪريون ۽ جبل اٿس، جيڪي ڪنهن نہ ڪنهن نالي سان منسوب آهن. هيءَ نئن هڪ قدرتي ڦاٽ آهي، ڏاڙهياري جبل کان لھي پينئرو ۽ ڪڪر جبلن کان وراڪا ڏئي هلي ’ميري ڍنڍ‘ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هيءَ نئن ٻارهن ئي مهينا وهي ٿي، جنهن تي جابلو ماڻهو آبادي ڪندا آهن. برسات جي موسم ۾ هن نئن جو خوبصورت نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڪنهن جبل جي مٿانهين چوٽيءَ تان نگاھہ ڪبي تہ هيءَ نئن پري کان خوبصورت ماٿرين مان جهڙوڪر نانگ وارا وڪڙ هنندي نظر ايندي.
هن جابلو نئن جي قديم آثارن ۽ ماڳن جي قدامت مان اندازو ٿئي ٿو تہ هيءُ اسلام کان اڳ ٻڌن جي دور سان واسطو رکي ٿي، سيتا شايد ٻڌ دور جي ڪا وڏي رتبي واري عورت هئي، مشھور ڏند ڪٿائي داستان ’رام چندر ۽ سيتا‘ جو هن ڪردار سان ڪو بہ سٻند آهي يا نه، اهو محققن لاءِ تحقيق جو هڪ پهلو آهي.
هن نالي سان ديھہ ڪوهستان ۾ ’سيتا جي ڏاٺ‘ جبل ۽ ڦٽل دڙو بہ آهي. ميهڙ ۽ ڏوڪري تعلقن ۾ بہ هن نالي سان پراڻا ڳوٺ ۽ پڊ واقع آهن. دادو ضلعي ۾ ’سيتا‘ نالي سان هڪ شھر بہ آهي، جيڪو هن وقت ’رحماني نگر‘ جي نالي سان بہ سڏيو وڃي ٿو.
قنبر جي ديھہ ڪوهستان ۾ واقع سيتا جي دڙي تي اسٽوپا جا اثار بہ لڌا ويا آهن، جنهن مان قوي امڪان نڪري ٿو تہ هيءَ وستي اڳاٽي دور م ’ٻڌ ڌرم‘ جو مرڪز هئي. هن ڌرمي آستان لڳ هڪ زيارت گاھہ ’تيرٿ وارو تلاءُ‘ بہ ڦٽل صورت ۾ موجود آهي.
برساتن جي موسم ۾ مقامي ماڻهو سهولت خاطر هن نئن مان هٿرادو طريقي سان پاڻي وهائي، هڪ تلاءُ جمع ڪندا آهن، اهڙي تلاءَ کي مقامي ماڻهو ’کڙ‘ چوندا آهن ۽ جنهن هيٺاهينءَ تي برسات جو پاني پاڻمرادو جمع ٿي ويندو آهي، ان کي ’چکڙ‘ چوندا آهن. هن نئن تان ’حيار‘ ۽ ’بيلو‘ نالي ٻہ ڪنب بہ سيراب ٿين ٿا. هن نئن ۾ ’مهاشير‘ مڇي بہ ٿئي ٿي. جابلو ماڻهو مڇيءَ کي ’ڪرو‘ چوندا آهن، جنهن جي معنا ’بد صورت‘ آهي. انهيءَ مڇيءَ جو وزن اتڪل ڏيڍ پاءُ ٿئي ٿو. ’ڳاڙهي ڀر‘ تي هن نئن جي پڄاڻي ٿئي ٿي.