سيتا جي ڏاٺ (ماڳ): سيتا ڏاٺ کيرٿر ۾ هڪ خوشحال ماٿري آهي، جيڪا 27° 70′ ڊگريون اتر ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67° 40′ اوڀر-اولھہ ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هن ماڳ تي غيبي ديري تعلقي قنبر کان پهچي سگهبو. ماڳ کيرٿر جي اوڀر واري پاسي آهي. سيتا نالي نئن بہ انهن پاسي وارن جبلن مان نڪري ٿي، جتي قديم زماني جي ماڻهن ان تي گبربند ٻڌا هئا، جن جا نشان بيٺا آهن، توڙي جو بندن کي نئن وهائي وئي آهي. هتي ٻين آثارن سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ ڇھن بندن جا نشان آهن. سيتا نئن جي کاٻيءَ ڪنڌي تي ڪجهہ سڌيون ڇپون آهن، جن تي قديم چٽسالي ٿيل آهي. اها چٽسالي پاڪستان جي اترين علائقن ۾ گهڻي تعداد ۾ ملي ٿي، جنهن تي مشھور آرڪيالاجسٽ احمد حسن دانيءَ ڪم ڪيو هو. سيتا ڏاٺ تي موجود آثارن جو تفصيل محقق بدر ابڙي هن ريت ڏنو آهي:
ڇپر نمبر-1: نئن سيتا جي کاٻي ڪنڌيءَ تي هڪ ڇپ تي چوڪور بلاڪن ۾ ڪجهہ چٽ آهن. اهي بلاڪ هڪٻئي مٿان اهڙي نموني ڪوريا ويا آهن، جو لڳي ٿو تہ اهو ڪو ٻڌ ڌرم جو وهار (Stupa) آهي. هي علائقو ڪنهن دور ۾ ٻڌيه جو حصو هو. اهڙي نموني ساڳي چٽ جي ڀر ۾ هڪ ٻيو وهار چٽيل آهي، پر اهو بلاڪن تي نہ پر گولڙن مٿان گولڙن جي نموني جي اڪر آهي، ٻئي وهار پنجن حصن ۾ ورهايل آهن. بنياد وارا حصا وڏا ۽ پوءِ ننڍا حصا ٺهيل آهن. اهو اهرامي نمونو آهي، انهن جي وچ ۾ بہ ڪي نقش چٽيل آهن.
ڇپ نمبر-2: نئن سيتا جي پيٽ کان اٽڪل 15 فٽ مٿي ڪنڌيءَ واري ڇپ تي ڪل 11 عدد جانور چٽيل آهن، جن ۾ 2 ٻن ٿوهن وارا اٺ، هڪڙو هڪ ٿوهي وارو اٺ، ٻہ سرھہ، هڪ گڊ ۽ ڪي وڻ چٽيل يا اڪريل آهن، هي چٽ مختلف وقتن جا اڪريل نظر اچن ٿا.
ڇپ نمبر-3: ڇپ نمبر 2 جي مٿان هيءَ ٽين ڇپ آهي، جنهن تي بہ ڪافي تعداد ۾ چٽ چٽيل آهن. هن ڇپ تي هڪ سرھہ اڪريل آهي، جنهن جي ڀرسان هڪ ماڻهو تلوار ۽ ڍال کنيو بيٺو آهي، ٻي تصوير ۾ هڪ شڪاري تلوار ۽ ڍال سان گهوڙي تي ويٺل اڪيريو ويو آهي، اهڙي قسم جي اڪر بلوچستان جي ماڳ تور ديراءِ وٽان بہ ملي آهي، جنهن کي ڪشان دور جي اڪر سمجهيو وڃي ٿو. ساڳيءَ ڇپ تي هڪ پاسي هڪ ڀوت نما ماڻهو ٺاهيو ويو آهي، جنهن جون ٻانھون هوا ۾ ڦهليل آهن، جنهن جي هٿن جون آڱريون ڪرڙيءَ جي پيرن وانگر وڏيون آهن، هي وڏي پيٽ ۽ سنهين ڄنگهن وارو ڀوت ڄڻ ماڻهن کي ڊيڄاري رهيو آهي. هي چٽ فني اعتبار کان سادا آهن، رڳو ليڪون ڏئي شڪل کي ٺاهيو ويو آهي. اتي ئي هڪ ماڻهو، ٻئي ٻانھون چيلھہ تي رکي بيٺو آهي. هندستان ۾ ان قسم جي چٽن کي ناچو، موسيقار ۽ ڳائڻ وڄائڻ وارا سمجهيو ويو آهي. انهيءَ ڇپ تي هڪ پاسي هڪ ماڻهو هڪ سرھہ ۽ هڪ ڪتو چٽيل آهي، جنهن ۾ ڪتو، سرھہ کي شڪار ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهو اهو منظر ڏسي رهيو آهي. ايئن هن هنڌ ٻيا بہ ڪيترائي چٽن جا قديم ۽ جديد نمونا اڪريل آهن، قديم ۽ جديد اڪر ۾ ڪجهہ فرق نمايان نظر اچي ٿو، پر پوءِ بہ پڪ سان وقت جو تعين وڏي تحقيق گهري ٿو.