سيتانگ

سيتانگ (Hyperhidrosis): ستيانگ گهڻي پگهر نڪرڻ (Perspiration) جي بيماري آهي، جنهن ۾ هٿن، پيرن جي ترين ۽ بغلن مان گهڻي مقدار ۾ پگهر وهندو آهي. عام ٻوليءَ ۾ هن بيماريءَ کي هٿن، پيرن ۽ بغلن جو نزلو چيو ويندو آهي. هن بيماريءَ ۾ گهڻي پگهر نڪرڻ جو سبب بيماريءَ هيٺ آيل عضون جي پگهر آڻيندڙ غدودن (Sweat Glands) ۾ غير فطري (پاڻمرادو) خرابيءَ جي ڪري آهي. ڏٺو ويو آهي تہ هن بيماريءَ ۾ ماڻهن جا جذبات (Emotions) پگهر آڻيندڙ غدودن جي فعل تي گهڻو ناڪاري اثر پيدا ڪندا آهن. اهوئي سبب آهي جو حساس، نازڪ طبيعت وارن، ڪاوڙيل ۽ ذهني پريشان رهندڙ ماڻهن کي هيءَ بيماري عام ٿيندي آهي، تنهن کانسواءِ هيءَ بيماري گهڻن ماڻهن ۾ موروثي بہ هوندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو