سياست نامه

سياست نامه

سياست نامہ

سياست نامہ (ڪتاب): هي ڪتاب ابو علي الحسن بن علي بن اسحاق نطام الملڪ طوسيءَ جو تصنيف ڪيل آهي. نظام الملڪ طوسي، سلجوق سلاطين جو مشھور ۽ معروف وزير هو. هي 21 ذوالقعد 408 ھہ/ 10 اپريل 1018ع ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم طوس ۾ حاصل ڪئي، پنھنجي علمي قابليت ۽ ذهانت جي ڪري سلجوق سلاطين جو وڏو وزير مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران هي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو ويو. آخري عمر ۾ هن ’سياست نامہ‘ نالي هڪ ناياب ڪتاب 484ھہ/ 1091ع ۾ لکيو ۽ 485ھہ/ 1092ع ۾ هن پنھنجي انهيءَ تصنيف ۾ يارهن بابن جو اضافو ڪيو. دراصل هي ڪتاب سندس انهن مامرن جو تذڪرو آهي، جن جي تڪميل ۾ هن کي ڪاميابي ٿي. ’سياست نامہ‘ ڪتاب ۾ ڪل پنجاھہ باب آهن، جن ۾ تاريخي حڪايتون پيش ڪري بادشاهن کي مفيد ۽ ڪارآمد مشورا ڏنا ويا آهن ۽ ان کانسواءِ ڪامياب سلطنت جا اصول پڻ بيان ڪيا ويا آهن.
هن ڪتاب جي ڪري نظام الملڪ طوسيءَ ڪافي ترقي ڪئي، پر اڳتي هلي سندس علمي لياقت ۽ عهدي کي ڏسندي ڪجهہ حاسدن کيس 10 رمضان 485ھہ/ 14 آڪٽوبر 1092ع تي قتل ڪرائي ڇڏيو.
هي ڪتاب فارسيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد طرفان 1955ع ۾ شايع ٿيو. ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو اٺ آنا هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو