سوڍوف، سي. ٿامس

سوڍوف، سي. ٿامس

سوڍوف سي ٿامس

سوڍوف، سي. ٿامس: 2013ع جو نوبل انعام يافتہ جرمن سائنسدان. امريڪا ۽ جرمنيءَ جي ٽن سائنسدانن: ٿامس سي. سوڍوف، جيمس آر. راٿمئن ۽ رينڊي ڊبليو شِڪمئن جي ٽيم کي 2013ع جو ميڊيسن (طب ۽ نفسيات) جو نوبل انعام ڏنو ويو آهي. سندن طرفان جسم جي اندر خلين/ جيوگهرڙن جي منتقليءَ واري نظام بابت کوجنا (Discoveries of machinery regulating vesicles traffic, a major transport system in human cells) سان ماڻهوءَ جي مدافعتي نظام جي خرابين، زيابيطس ۽ ٻين بيمارين جي علاج ۾ وڏي هٿي ملندي. ان ڪري کين اهو انعام ڏنو ويو آهي. ٿامس سوڍوف، 22 ڊسمبر 1955ع ۾ جرمنيءَ جي شھر گوئٽنجن (Goettingen) ۾ ڄائو. پاڻ هن وقت امريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل آهي. هن کوجنا کان اڳ ۾ 1990ع ۾ هن اهو معلوم ڪيو تہ خلين ۾ سگنلن (پيغام رسائيءَ) جو جيڪو نظام آهي، جنهن تحت دمـاغ کـي فوراً ڪــو اطـلاع مـلـي ٿـو تہ اهـو ڪيـئن ردعـمـل ۾ ڪي جـزا (vesicles) خارج ٿو ڪري. هن جي خاص دلچسپي تنتي خلين (nerve cells) جي پاڻ ۾ رابطي واري نظام ۾ هئي. پنھنجي ساٿين سان گڏجي هن انهيءَ تحقيق کي اڳتي وڌايو ۽ آخرڪار نوبل انعام حاصل ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.12.22  عيسوي

ٿامس سوڍوف، 22 ڊسمبر 1955ع ۾ جرمنيءَ جي شهر گوئٽنجن (Goettingen) ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي آصف پروفيسر
رسول بخش خان مغل
رکيو خان استاد
حنا رباني کر
رشيد بن زبير قاضي
شير خان
شمس الدين گونگو نظاماڻي
سمڀا بن ڪرشنا
الياس ٿري
فيض بخشاپوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون