سوڍل فقير لغاري

سوڍل فقير لغاري

سوڍل فقير لغاري

سوڍل فقير: مشھور صوفي راڳي سوڍل فقير ولد علي بخش لغاري، 1959ع ڌاري ڳوٺ لغاري بجراڻيءَ، تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل ڪاڇي جي ڳوٺ چاڪر ڪوٽ (تعلقو جوهي، ضلعو دادو) جا هئا ۽ ميرن جي دؤر ۾ مير ٺاري خان جي فوج جا سپھه سالار هئا. ان دور ۾ سندن وڏا لڏي اچي ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ آباد ٿيا، جتان پوءِ 1990ع ۾لڏي، گچيري روڊ، موري ۾ رهائش اختيار ڪئي. سوڍل فقير کي راڳ ورثي ۾ مليو. سندس ڏاڏو محمد حسن لغاري گهاگهر ۽ يڪتاري تي صوفياڻو راڳ ڳائيندو هو. سندس والد به راڳي هو. سوڍل فقير 20 سالن جي عمر ۾ پنھنجي والد ۽ احمد شاهه (ڳوٺ جوڻالو، تعلقو مورو) کان راڳ جي سکيا ورتي. شاهه لطيف، بابا بلهي شاهه، سچل سرمست، جانڻ فقير چن، رکيل شاهه، چيزل شاهه، راشد مورائي ۽ ٻين جا ڪلام ڳائي شھرت حاصل ڪئي. محمد قاسم ماڪا جي پروگرام ’رنگ منچ‘ ۾ لڳاتار حصو وٺندو رهيو، جتي سندس آواز ۾ 12، 13 ڪئسيٽون رڪارڊ ڪري جاري ڪيون. هن مختلف سنڌي ٽي. وي چئنلن تي به ڳايو. 17 جولاءِ 2024ع تي نوابشاهه ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

17.07.2024  عيسوي

صوفي راڳي سوڍل فقير 17 جولاءِ 2024ع تي نوابشاهه ۾ وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانصاحب اُستاد فتح علي خان
خليفو لائق ڏنو
خاصخيلي محمد ابراهيم
شيخ عرس
خوشي ڪي مٽائي
استاد خورشيد علي خان
الهڏنو جوڻيجو
فتح محمد خان ڏيڌڙو
استاد ھدو خان
اڪبر بروهي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون