سويمبر سويموَر

سويمبر/ سويموَر: سويمور، قديم سنڌ توڙي هند جي هڪ رسم آهي. جڏهن ڪنهن راجا يا امير ماڻهوءَ جي ڌيءَ جوان ٿيندي هئي تہ پنڊتن کان ان جو حساب ڪرائي، ان جي شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪئي ويندي هئي. ٻين ملڪن جي راجائن ۽ بهادرن کي راجا پنھنجي ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ ور چونڊڻ جي تاريخ جو اطلاع ڪندا هئا، مقرر ڏينهن تي اهي سڀ نوجوان جيڪي ان ڇوڪريءَ سان شاديءَ جا خواهشمند هوندا هئا، سي هڪ وڏي ميدان تي اچي گڏ ٿيندا هئا. انهيءَ موقعي تي ڇوڪريءَ توڙي سندس والد جي طرفان شادي ڪرڻ وارن سڀني نوجوانن جي سامهون ڪو خاص ۽ ڏکيو شرط رکيو ويندو هو، انهن اميدوارن مان ڪو هڪ اميدوار اهو شرط پوري ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو هو تہ راجمڪاري اچي اُن اميدوار جي ڳچيءَ ۾ هار وجهندي هئي.
هندن جي پراڻن ۾ بيان ڪيل مشھور ڪهاڻي ’نل دمينتيءَ‘ ۾ دمينتيءَ جي پيءُ سندس ڌيءَ جو سويمبر ڪرايو هو، جنهن ذريعي دمينتيءَ، نل کي پنهنجو وَرُ چونڊيو هو. هڪ ٻيءَ روايت موجب، پانچال ديس جي راجا دروپد پنھنجي ڌيءَ دروپديءَ جي وَرَ جي چونڊ لاءِ سويمبر ڪرايو هو، جنهن ۾ ارجڻ پانڊو، دروپديءَ کٽي ورتي هئي.
ٻئي طرف ايڇ. ٽي. لئمبرڪ پنھنجي ڪتاب Sindh Before the Muslim Conquest جي ٻئي جلد جي ص 68 تي لکيو آهي تہ ”سـنـڌ جو راجا جئدرٿ دروپديءَ کي سندس سيومبر جي موقعي تي کڻائي ويـو هو. ان وقت پانڊوَ شڪار ڪرڻ لاءِ ٻاهر ويل هئا. دروپديءَ کي پـوءِ مـوٽايو ويو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو