
سون مياڻي
سون مياڻي: ڪراچيءَ کان پنجاھہ ڪلوميٽر اتر- اولھہ طرف سون مياڻيءَ جو سامونڊي علائقو واقع آهي. هتي قديم زماني کان وٺي بندرگاھہ موجود آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ هيءَ بندرگاھہ نهايت اهميت وارو رهيو هو. 1805ع ۾ پورچوگيزن هن بندرگاھہ کي لٽي، ڦري، آخر ۾ باھہ لڳائي ڇڏي هئي. عربن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو هو، تڏهن سون مياڻيءَ جي بندر تي سندن فوجي جهازن جي لنگر انداز ٿيڻ جو ذڪر ملي ٿو. ترڪي ۽ سڄي عربستان جي رياستن جو سنڌ سان ڏيتي ليتي وارو رستو بہ هن بندرگاھہ ذريعي رهيو هو. گهوڙن ۽ ڍورن جا اعلى نسل هن بندرگاھہ جي ڀرپاسي ۾ پاليا ويندا هئا. عربن جي اٺن جا واڙا بہ هتي قائم هئا. سون مياڻي، هن وقت بلوچستان جي لسٻيلي واري علائقي ۾ آهي، جڏهن تہ اصل هيءُ سنڌ جو علائقو هو، جيڪو انگريزن سنڌ کان ڌار ڪري بلوچستان ۾ آندو. سون مياڻيءَ لاءِ مشھور هو تہ هن مقام تان سون جون کاڻيون ۽ ذخيرا مليا هئا. موجودہ دور ۾ سون مياڻي سياحت جو اهم مرڪز هجڻ سان گڏ مڇيءَ جي ڪاروبار جي ڪري مشھور آهي. هتان جو آبي شڪار پرڏيھہ وڪرو ٿيندو آهي، جنهن ۾ جهينگا، گانگٽ، وڏيون سامونڊي مڇيون، کيکڙا، گوج مڇي، شارڪ، سونهري مڇي ۽ جيلي فش شامل آهن. هتي سپارڪو فلڪياتي اداري جي هڪ اسٽيشن قائم آهي، جتي مختلف طرز جي راڪيٽ لانچرن جي (اسمبل) تيار ڪرڻ جو ورڪشاپ موجود آهي. هتي مختلف سائنسي تجربا ڪيا ويندا آهن.