سونڊا

سونڊا: سونڊا سنڌ جو قديم شھر آهي، جيڪو جهرڪ شھر جي اولھہ طرف، ڪراچي ۽ ٺٽي جي شاهراھہ تي موجود آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته، سونڊا ۾ هڪ درويش سوندره رهندو هو، جيڪو راڳ تي عاشق هوندو هو. انهي ڪري سندس نالي سان اهو شھر مشھور ٿيو. علي ڪوفيءَ جي ’چچ نامي‘ موجب راوڙ ۽ جيسر جو مقابلو جهم ۽ سونڊا وٽ ٿيو هو. ڪتاب ’رحمة العالميه‘ ۾ سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته، ”سيوهڻ جي قديم قبرستان ۾ سونڊن ۽ لاشارين جون قبرون موجود آهن، جن مان هڪ ڪتبي تي مصري بلوچيءَ ۾ لکيل آهي ته، انهن سوڍا ۽ لاشارين جا راڄ خانگي ناسازيءَ جي ڪري لڏي درياھہ پار ڪري ٻئي طرف رهن ٿا، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، شايد سوڍا لفظ بدلجي ’سونڊا‘ ٿيو هجي.
سونڊا ۾ مغل بادشاھہ شاھجھان جي ٺهرايل مسجد موجود آهي، اها مسجد ٺٽي جي شاھجھان مسجد جي نموني تي تيار ڪيل آهي. سونڊا جي قبرستان ۾ يوناني ٻولي، زيور، ڪٽلي، گهورگو، تسبيح وغيرہ جون نشانيون قبرن تي موجود آهن. سونڊا جو هي تاريخي قبرستان ان جي قدامت جو گواھہ آهي. هن تاريخي شھر جي معاشي، جاگرافيائي، سياسي، سماجي ۽ تاريخي حالتن کي وقت جي ويرن لوڙهيو ٻوڙيو ۽ بدلايو آهي. سونڊا شھر جي ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن جون خدمتون بہ قابل تعريف آهن. مرحوم عبدالله گنڌرو، هتان جو مشھور اديب ۽ شاھہ جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي.


لفظ سونڊاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو