سونهري

سونهري (ديھہ): هيءَ ديھہ، ڳوٺ حاجي ولي محمد شاھہ، نزد ڊگهڙي، تعلقي ميرپورخاص ۾ آهي. هتي هڪ قديمي ڀڙو پڻ آهي. انگريزن جي زماني ۾ ڳوٺ سونهريءَ ۾ ڌاڙو لڳو هو، جنهن جو الزام صوفي فقير جي بزرگ شخصيت، صوفي قلندر بخش تي هنيو ويو هو، ڪيس هليو، پر مٿس اهو الزام ثابت نہ ٿيو. اهو واقعو اڄ تائين مشھور آهي. سونهريءَ ۾ اڳي هندو سونارا رهندا هئا. هن وقت سونهريءَ ۾ سيد حاجي گل حسن شاھہ ولد حاجي اجن شاھہ، حاجي روشن علي شاھہ ۽ ولي محمد شاھہ ولد حاجي جلال شاھہ وارا زميندار توڙي رضوي سادات رهندڙ آهن. موجودہ حاجي گل حسن شاھہ جو پڙڏاڏو گل حسن شاھہ، انگريزن جي دور ۾ اها زمين آنٻي (ڀارت) جي سيشن ڪورٽ ۾ بنا وڪيل جي وڪالت ڪري ستن ٻولين ۾ درخواست ڏئي حاصل ڪئي هئي.


لفظ سونهري ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو