سونن کنڀن وارو ٻگهہ: هن ٻگهہ جي ڳچي ۽ پرن جا ڪجهہ کنڀ سونهري رنگ جا ٿيندا آهن. ڪنهن زماني ۾ هنن پکين جا سونهري کنڀ وڪرو ٿيندا هئا. ولايت جا واپاري سون جي اگهہ تي سون ۾ توري کڻندا هئا. اهڙا سونهري کنڀن وارا ٻگهہ، مهاڻا ڌاريندا هئا ۽ مهيني ۾ ٻہ ڀيرا انهن جا کنڀ کوهيندا هئا. هڪ هڪ مهاڻي وٽ پنجاھہ کان 100 تائين سونهري کنڀن وارا ٻگهہ ڌاريل هوندا هئا، جن کي مڇي ماري کارائيندا هئا.