
سومناٿ مندر
سومناٿ (مندر): مشھور مندر سومناٿ، هندستان ۾ گجرات جي اولهندي ساحلي ڪناري تي، پرڀاس ڪشترا (Prabhas Kshetra) لڳ ويراول، ضلعي جهوناڳڙھہ، مهاراشٽر ۾ 20 53 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 70 24 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي مندر هندستان جي 12 چنڊ ديوتائي مندرن مان هڪ اهم مندر آهي. سومناٿ لفظ جي معنيٰ آهي: ’چنڊ ديوتا جو راکي‘.
شِو پُراڻ موجب، برهما ۽ وشنو ڪائنات جي تخليق بابت پاڻ ۾ شرط لڳائي تہ ڏسون ڪير ٿو اهڙي تخليق ڪري، جنهن جو انت نہ هجي. تڏهن برهما ٽي روشنيءَ جا مينار خلقيا، جن جو ڪو انت ڪونه هو. تڏهن وشنو پنھنجي هار تسليم ڪئي. جنهن تي برهما، وشنوءَ کي حڪم ڏنو تہ هو ان جي عبادت ڪندو رهندو، ڇاڪاڻ جو انهن ٽن مينارن مان ٻيو مينار شوَ (Shiva) جو هو، انهن مينارن کي هندن جي ڪٿائن ۾ ’جوتي لگنا‘
(Jyoti Ligna) سڏجي ٿو. ڏندڪٿائن موجب جتي جتي بہ شو جو ظھور ٿيو، اهو روشنيءَ جي مينار يعني جوتي لگنا سان ٿيو. شوَ جا اهڙا ظھور ڪل 24 ٿيا، انهن مان ٻارهن جوتي مينارن کي تمام پوتر سمجهيو ويندو آهي، اهي مينار هندستان جي مختلف علائقن ۾ واقع آهن، جن جي ترتيب هن ريت آهي: (1) سومناٿ، گجرات ۾، (2) ملڪ ارجن مندر، آندرا پرديش جي علائقي سري سئلم (Srisailam) ۾، (3) مهاڪاليشور مندر اجين ۾، (4) اوم ڪريشور مندر مڌيه پرديش ۾، (5) ڪيدارناٿ مندر هماليہ ۾،
(6) ڀيماشنڪر مندر مهاراشٽر ۾، (7) وشواناٿ مندر بنارس ۾،
(8) ٽريمباڪيشور مندر مهاراشٽر ۾، (9) وئدياناٿ جوتي گنگا مندر ديوڳڙھہ ۾، (10) ناگيشور مندر دوارڪا ۾، (11) راميشور مندر راميشورم، تامل ناڊو ۾ ۽ (12) گرشينشور مندر اورنگ آباد (مهاراشٽر) ۾.
سومناٿ مندر کي مسلمان حملي آورن طرفان 16 ڀيرا ڊاٺو ويو. اصل سومناٿ جو مندر گجرات ۾ ولڀي جي بادشاھہ يادوَ تعمير ڪرايو هو، جنهن کي 725ع ۾ سنڌ ۾ مقرر ڪيل عرب دؤر جي گونر جنيد جي حڪم سان ڊاٺو ويو هو. سومناٿ مندر جي ٻيهر اڏاوت، ان وقت جي حاڪم ناگ ڀٽ ٻئي (Nagabhata- II)، 815ع ۾ وسيع ايراضيءَ تي ڳاڙهي پٿر سان ڪرائي.
1024ع ڌاري محمود غزنويءَ ٿر واري رستي کان هن مندر تي حملو ڪري ان کي تباھہ ڪيو، جنهن بعد سومناٿ مندر جي نئين سر تعمير جو ڪم مالوا جي حاڪم گجر پرمار ڀوج ۽ اينهلوارا جي بادشاھہ سولنڪي ڀيمديو (پهرئين) گڏجي ڪرايو. سومناٿ مندر جي اها تعيمر 1026ع کان 1042ع جي وچ ۾ مڪمل ٿي، جنهن ۾ پٿر ۽ ڪاٺ جو نفيس ڪم ڪيو ويو. 1143ع کان 1172ع دورن ان وقت جي هڪ ٻئي حاڪم ڪمار پال ڪاٺ جي جاءِ تي پٿر لڳرايو.
1296ع ڌاري سلطان علاؤالدين خلجيءَ جي فوج هن مندر کي تمام گهڻو نقصان رسايو. حسن نظاميءَ جي لکت موجب، سلطان علاؤالدين طرفان هن حملي ۾ گجرات جي راجا ڪرن کي شڪست ملي، سندس پنجاھہ هزار جي لڳ ڀڳ فوجي سپاهي قتل ٿيا ۽ ويھہ هزار کان وڌيڪ قلعا، مندر ۽ قيدخانا مسلمان فاتحن جي قبضي هيٺ آيا، جن ۾ سومناٿ مندر بہ شامل هو.
هڪ ڀيرو هي مندر ٻيهر هندن جي حاڪميت هيٺ آيو ۽ سوراشٽر جي چودسامه بادشاھہ مهيپال ديو 1308ع ۾ هن مندر کي وري تعمير ڪرايو ۽ سندس پٽ کنگهار (Khengar) 1326ع کان 1351ع جي وچ ڌاري سومناٿ مندر ۾ شوَ جو لنگ نصب ڪرايو، جنهن سان هن مندر جي اهميت ۽ عقيدت ۾ اضافو ٿيو. 1375ع ۾ گجرات جي سلطان مظفر شاھہ اول هن مندر تي حملو ڪيو، 1451ع ۾ گجرات جي هڪ ٻئي سلطان محمود بيگڙي حملو ڪري هن مندر کي ڪافي نقصان رسايو. 1701ع ۾ مغل شهنشاھہ اورنگزيب سومناٿ مندر کي ڊاهي ان جاءِ تي هڪ مسجد تعمير ڪرائي. 1783ع ۾ پوني جي پيشوا، ناگپور جي راجا ڀونسلي، ڪولهاپور جي راجا ڇترپتي ڀونسلي، انڊور جي راڻي اهليا ٻائي هولڪر ۽ گواليار جي راجا شريمنت پٽيل بواشنديءَ گڏيل سهڪار سان مندر جي تباھہ ٿيل آثارن مٿان نئين سر مندر تعمير ڪرايو.
ورهاڱي کان اڳ پرڀاس پتڻ، جهوناڳڙھہ جي رياست جو هڪ حصو هو، پوءِ اهڙين ننڍين ننڍين رياستن کي ختم ڪري گڏيل هندستان ۾ شامل ڪيو ويو. ان دوران 12 نومبر 1947ع تي، هندستان جي نائب وزيراعظم سردار ولڀ ڀائي پٽيل سومناٿ مندر جي نئين سر اڏاوت جو حڪم ڏنو. ان ڏس ۾ سردار پٽيل، ڪي. ايم. منشي ۽ ڪانگريسي اڳواڻن مهاتما گانڌيءَ آڏو مندر جي تعميري رٿا پيش ڪئي، جنهن اهو شرط رکيو تہ مندر جي اڏاوت لاءِ گهربل رقم رياستن کان وٺڻ بجاءِ عوام کان ورتي وڃي. گانڌي ۽ سردار پٽيل جي لاڏاڻي بعد مندر جي تعميري ڪم جي سرپرستي ڪي. ايم. منشيءَ ڪئي، جيڪو ان وقت جواهر لعل نهروءَ جي ڪابينا ۾ کاڌ خوراڪ ۽ شھري رسد جو وزير هو. آڪٽوبر 1950ع ڌاري، سومناٿ مندر جي باقي آثارن کي ڊاهي ۽ اتي موجود مسجد کي ڪجهہ ميلن جي پنڌ تي منتقل ڪيو ويو. مئي 1951ع ۾ هندستان جي پهرئين صدر راجيندر پرساد، سومناٿ مندر جي پيڙھہ جو پٿر رکيو. موجودہ سومناٿ مندر جي حفاظت ۽ انتظامي سرگرمين جي ذميواري شري سومناٿ ٽرسٽ جي هٿ ۾ آهي. موجودہ مندر جي سامهون سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي ڪاوشن جي اعزاز ۾ سندس مجسمو پڻ نصب ٿيل آهي.
هن مندر جي اڏاوت (Architecture)، چالوڪا اڏاوت جي نموني جي آهي. هن اڏاوت جي نموني ۾ هندستان جا ڪيئي مندر ٺهيل آهن. اڏاوت جو هي نمونو خاص طور تي گجرات جي سمپوراس (Samporas) رازن جو ايجاد ڪيل آهي. هي مندر اوچائيءَ ۾ 150 فوٽ آهي.
تيرهين صديءَ جي مشھور جاگرافيدان ذڪري القزاوي هن مندر کي ڏٺو ۽ لکيو هو ته، ”سومناٿ سمنڊ جي ڪناري سان هندستان جو خوبصورت شھر آهي. سمنڊ جون لهرون سومناٿ سان ٽڪرائجندي ڏسبيون آهن. هي مندر اتان جي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ شوَ جو عاليشان بُت رکيل آهي. چوڏهين چنڊ رات هتي زيارتين جي تمام گهڻي پيھہ رهي ٿي. موجودہ سومناٿ جو مندر 150 فوٽ اوچو آهي، جڏهن تہ شڪاري (Shikara) تي لڳل جهنڊي 27 فوٽ اوچي آهي.