سومر فقير هنڱورو

سومر فقير هنڱورو: سومر فقير هنڱورو پنھنجي دور جو سالڪ، باڪمال درويش ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي. سندس جنم 1310ھہ/ 1892ع ڌاري ڳوٺ محمود هنڱوري لڳ سعيدآباد، ضلعي حيدرآباد (موجودہ مٽياريءَ) ۾ محمد موسيٰ هنڱوري جي گهر ۾ ٿيو، بعد ۾ لڏي اچي شھدادپور ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ويٺو. اهو ڳوٺ سندس نالي سان اڄ بہ مشھور آهي. سومر فقير درويش صفت انسان هو. ننڍي هوندي کان ئي سندس روشن دماغ ۾ حصول علم جا واضح آثار موجود هئا، جڏهن سمجهہ لائق ٿيو تہ سندس طبيعت جو لاڙو فقيريءَ ڏانهن ٿيو ۽ شاھہ مردان شاھہ ’اول‘ ڪوٽ ڌڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي بيعت وٺي سندس مريد بڻيو. فقير سومر اعليٰ خوبين وارو آدرشي انسان، پرهيزگار ۽ شريف ۽ نيڪ شخص هو. سندس سخاوت پري پري تائين مشھور هئي. سندس غريب خاني تي لنگر هر وقت هلندو رهندو هو. سندس سخاوت جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. انسانيت، سخاوت، ڪرامت ۽ عبادت جا سڀئي گڻ منجهس موجود هئا.
سومر فقير هنڱوري، 5 جمادي الاول 1375ھہ/ 20 ڊسمبر 1955ع تي وفات ڪئي.


لفظ سومر فقير هنڱوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.12.20  عيسوي

سومر فقير هنڱوري، 5 جمادي الاول 1375هه/ 20 ڊسمبر 1955ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بخت نصر
تيجومل
سيد لعل محمد شاھہ للاڻي
ڀٽو آمنہ بيگم
جان بابا مرزا ترخان
ڀٽو غلام رضا
پريتم ڀڳت
جيوترام ويڙهومل مٽائي
شيخ ڪرهيو ڀانڊاري
ڏيٿو عبدالرحيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون