سورجاڻي1 (ديھہ): هيءَ ديھہ تعلقي گڏاپ، ڪراچيءَ جي تپي منگهي پير ۾ آهي. کٻڙ لڪ ۽ شورينگ کان ايندڙ جابلو قطار جي هڪ چوٽيءَ جو نالو ’سورجاڻي‘ آهي. انهيءَ چوٽي ۽ لڪ جي ڪري هن ديھہ جو نالو ئي ’سورجاڻي‘ پئجي ويو. هن ديھہ جي آبادي 1990ع ۾ 10 هزار هئي. هتي برفتن جو هڪ ۽ بروهين جا پنج ڳوٺ هوندا هئا. فقط 23 سالن ۾ سورجاڻي ٽائون اسڪيم 45 جي ڪري هن ديھہ جي آبادي ٽيهارو هزار ٿي وئي آهي. هن ديھہ کي ٻن يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو اهي. هڪ يوسف ڳوٺ ۽ ٻيو معمار آباد يونين ڪائونسل ڪي. ڊي. اي جي سورجاڻي اسڪيم نمبر 45 تي ٻڌل آهي. هن ۾ ٻہ ڳوٺَ: صيفل ۽ بابو پٽائي بروهي شامل آهن.