سوامي نارائڻ مندر

سوامي نارائڻ مندر

سوامي نارائڻ مندر

سوامي نارائڻ مندر (ماڳ): ڪراچيءَ جو قديم مندر، جنهن جي موجودہ عمارت 1885ع ۾ اڏي وئي آهي. هي مندر بندر روڊ تي ڪي. ايم. سي بلڊنگ جي سامهون واقع آهي، جتي اڄ بہ هندو رهن ٿا. هتي هندو ڌرم جا سڀ مذهبي ڏڻ وڏي اهتمام سان ملهايا وڃن ٿا. 1947ع ۾ هندستان وڃڻ لاءِ هندن جي پناھہ ۽ سندن سفر جي انتظامن ۾ هن مندر جو وڏو حصو رهيو آهي. هن سان لڳ گاڏي کاتي ۾ ڪنهن دؤر ۾ سکن جو گُردوارو هوندو هو، جيڪو ختم ڪيو ويو، اهو رام باغ، گاڏي کاتي واري گردواري طور مشھور هو. انهيءَ گهٽيءَ ۾ درٻار ماتا جو مندر آهي، هاڻي بند پيو آهي. هن جي هڪ حصي ۾ ايجوڪيشن آفيس ٺاهي وئي ۽ گهڻي حصي تي قبضو ڪري دڪان ۽ گهر ٺاهيا ويا آهن. هن مندر جي چوديواريءَ ۾ ڪجهہ ننڍا مندر بہ ٺهيل آهن. مندر جي آسپاس هندن جا گهر ۽ ياترين جي کاڌخوراڪ لاءِ هوٽل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو