سوامي سترامداس ’سڪايل‘: سنڌي ڪافيءَ جو نامور شاعر روهڙيءَ لڳ هڪ ننڍي ڳوٺ جو ويٺل هو. سيد علي اڪبر شاھہ ثاني (جان ﷲ شاھہ روهڙيءَ واري جي ستين سجادہ نشين) جو طالب هو. ورهاڱي واري دور ۾ وفات ڪيائين. سترام سڪايل چڱو شاعر هو، سندس شعر کي تصوف ۽ ويدانيت جو اثر نمايان آهي. هن جون اڪثر ڪافيو ن وائيءَ جي فني گهاڙيٽي تي چيل آهن، سندس ڪلام جو نمونو هيٺينءَ ريت آهي:
سائين منهنجي حال سڻايو، قاصد پيش پرينءَ جي نيئي،
وڇوڙي جي مون آڳ اندر ۾، محبت مچ مچايو،
درد منهنجي جي دانهن سڀائي، ٻاروچل کي ٻڌايو،
ظاهر جانب جدا ٿي ويڙو، لڪندو ڪين لڪايو،
’سڪايل‘ کي سار سيد جي، جنهن ڏسندي ڏينهن وڃايو.