سوئيز واهه

سوئيز واهه

سوئيز واھہ

سوئيز واھہ: سوئيز واھہ، يورپ ۽ ايشيا وچ ۾ واپاري نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ هٿرادو طرح 1859ع ۾ مصر جي نيل نديءَ مان کوٽيو ويو، جيڪو ڏهن سالن بعد نومبر 1869ع ۾ مڪمل ڪري کوليو ويو. ان وقت هن واھہ جي ڊيگهہ 164 ڪلوميٽر هئي.
جيئن تہ هي واھہ رومي سمنڊ کي سوئيز جي نار مصر سان ڳنڍي ٿو، تنهنڪري کيس ’سوئيز واھہ‘ جي نالي سان سڏيو ويو. لاطينيءَ ۾ هن واھہ کي ‘Dciery canal’ چيو ويندو آهي.
سوئيز واھہ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪي جھاز واپار سانگي آفريڪي کنڊ مان ڦيرو ڏئي ايشيا ۽ يورپي رياستن ڏانهن سفر ڪندا هئا، تن جي مفاصلي ۾ گهڻي ڀاڱي گهٽتائي آئي، جنهنڪري هيءُ جھاز مختلف بندرگاهن تي جلدي ۽ آسانيءَ سان پهچندا آهن.
مصر جي صدر جمال عبدالناصر، 26 جولاءِ 1956ع تي هن واھہ کي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جنهنڪري فرانس، برطانيہ ۽ اسرائيل مصر تي حملو ڪيو. سوئيز واھہ جي هن وقت (2010ع) ڊيگهه 193.30 ڪلوميٽر، گهرائي 24 ميٽر (89 فوٽ) ۽ ويڪر 205 ميٽر (673 فوٽ) آهي، جڏهن تہ هن واھہ جي اترئين ڇيڙي کي ’پورٽ سعيد‘ ۽ ڏاکڻي ڇيڙي کي ’پورٽ توفيق‘ سڏيو وڃي ٿو.


لفظ سوئيز واھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو