سوئيزرلينڊ

سوئيزرلينڊ

سوئيزرلينڊ

سوئيزرلينڊ: هن ملڪ جو سرڪاري نالو سوئيز ڪنفيڊريشن (Swiss Confederation) ۽ پراڻو نالو ’هلويٽيا‘ آهي. هي ملڪ اولھہ وچ يورپ ۾ آهي. ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ برن (Bern) آهي. ملڪ جي پکيڙ 41228 چورس ڪلوميٽر (15914 چورس ميل) آهي. سوئيزرلينڊ، سوئيز ڪنفيڊريشن واري حيثيت پهرين آگسٽ 1291ع تي حاصل ڪئي. هتان جو ڪرنسي يونٽ سوئيز فرانڪ آهي. هتان جي آبادي انگن اکرن موجب 2010ع تائين 7866,500 آهي. سوئيزرلينڊ خشڪيءَ وارو ۽ بغير سمنڊ جي ملڪ آهي. هن جي اوڀر کان اولھہ طرف ڊيگهہ 343 ڪلوميٽر (213 ميل) ۽ اتر کان ڏکڻ طرف ويڪر 255 ڪلوميٽر (140 ميل) آهي. ڏکڻ جي وچ وارا علائقا يورپ جي مشھور آلپس (Alps) جبلن تي مشتمل آهن. ملڪ جو 70 سيڪڙو علائقو انهن ئي جبلن تي مشتمل آهي. اهي جبل تمام خوبصورت، دلفريب ۽ سهڻن نظارن سان ڀريل آهن. هتي رهون، ٽيڪنو ۽ اين نالن سان وڏا درياھہ آهن.
سوئيزرلينڊ پنھنجي خوبصورت ڍنڍن جي ڪري مشھور آهي. انهن ڍنڍن ۾ جنيوا، ڪونسٽانس، لوگانو ۽ ماگيوار ڍنڍون اهم آهن. هتان جو سڀ کان مٿانهون هنڌ ڊوف ور سيپٽر آف مونٽ اوزا آهي. وڏن شهرن ۾ ريورچ، جنيوا، لورزن، ڊيووس، فرائي برگ، بيل، ونٽرٿر، بادن، بوسچياوو ۽ لوڪرن شامل آهن.
سوئيزرلينڊ جون سرڪاري زبانون: جرمن ۽ فرانسيسي آهن. هتان جو مذهب عيسائيت آهي. هن جي اتر ۾ فرانس ۽ جرمني، اوڀر ۾ آسٽريا ۽ ليچن اسٽين، ڏکڻ ۾ اٽلي ۽ اولھہ ۾ فرانس آهي.
هي ملڪ انتظامي طور تي 23 رياستن ۾ ورهايل آهي. هتي جي قومي فضائي ڪمپنيءَ جو نالو سوئيز ايئر آهي. هتي 6 هوائي اڏا آهن. موسمياتي حوالي سان هي ٿڌو ملڪ آهي. جابلو حصن ۾ سخت سيءُ پوندو آهي، جڏهن تہ ميداني علائقن ۾ گرمين ۾ موسم خوشگوار هوندي آهي.
هتان جي مکيہ زرعي پيداوار ڪڻڪ، جوَ، پٽاٽا، چقندر، تماڪ، چڻا، کٽا ميوا، انگور، ڀاڄيون ۽ گاھہ وغيرہ شامل آهي. هتي مشينري، مشيني اوزارن، دوائن، گهڙين، برقي اوزارن، چاڪليٽن، ڪيميائي شين ۽ ڪپڙن وغيرہ ٺاهڻ جون صنعتون موجود آهن. هتان جي مکيہ معدنيات ۾ لوڻ ۽ عمارتي پٿر شامل آهن. سوئيزرلينڊ کي ’سياحن جي جنت‘ ۽ ’يورپ جو ڪشمير‘ چيو ويندو آهي.
سوئيزرلينڊ 29 مئي 1874ع جي آئين تحت هڪ جمهوري ملڪ آهي. انتظامي اختيارن وفاقي ڪائونسل (Bundesral) کي حاصل هوندا آهن، جنهن جا 7 ميمبر آهن، جن کي وزيرن جو درجو مليل آهي. انهن ستن وزيرن مان هر سال واري واري سان ڪنهن هڪ کي صدر جي عهدي لاءِ چونڊيو ويندو آهي. هن وقت سوئيزرلينڊ جو صدر ڊورس ليٿرڊ آهي. سوئز پارليامينٽ وفاقي اسيمبلي سڏبي آهي، جيڪا ٻن ايوانن تي مشتمل آهي. اسٽيڊريٽ رياست جي ڪائونسل جا 46 ميمبر ۽ نيشنلريٽ (قومي ڪائونسل) جا 200 ميمبر چئن سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن. سوئيزرلينڊ جي هر رياست (Canton) جي جداجدا پارليامينٽ ۽ حڪومت آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪينٽن کي داخلي خودمختياري حاصل آهي. هر اهم مقامي مسئلي تي وقفي وقفي سان رفرينڊم ڪرايو ويندو آهي.
هي ملڪ 1815ع کان هينئر تائين هر قسم جي جنگي ٽڪرائن ۾ پاڻ کي غير جانبدار رکندو پيو اچي.
سوئيزرلينڊ جي بئڪنگ جو نظام دنيا جو سڀ کان وڏو نظام آهي، هتي دنيا جي وڏن وڏن حڪمرانن، سياستدانن، بادشاهن ۽ وزيرن جا ڳجها اڪائونٽ آهن.


لفظ سوئيزرلينڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1291.08.01  عيسوي

سوئيزرلينڊ، سوئيز ڪنفيڊريشن واري حيثيت پهرين آگسٽ 1291ع تي حاصل ڪئي.


1874.05.29  عيسوي

سوئيزرلينڊ 29 مئي 1874ع جي آئين تحت هڪ جمهوري ملڪ آهي.



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيونس
رومانيا
جرمني
آئين ساز اسيمبلي
برما
تاجڪستان
پٽ ڪينئون
عمان
چين
آسٽريليا
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون