سهگل، ڪندن لال

سهگل، ڪندن لال

سهگل ڪندن لال

سهگل، ڪندن لال: هندستاني گلوڪار ۽ اداڪار، ڪندن لال سهگل کي بالي ووڊ جو پهريون سپر اسٽار چيو وڃي ٿو. هو 1904ع ۾ ڄمون ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس والد امرچند راجا جي درٻار ۾ ملازم هو. سندس والدہ ڪيسر ٻائي مذهبي عورت ۽ موسيقيءَ سان چاھہ رکندڙ هئي. اها ننڍپڻ ۾ ئي سهگل کي مذهبي پروگرامن ۾ وٺي ويندي هئي، جتي ڀڄن، شبد ۽ ڪيرتن روايتي انداز ۾ ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ ڳايا ويندا هئا، جن جو مٿس گهرو اثر پيو. هن ڪجهہ عرصو تعليم حاصل ڪئي، پر پوءِ ڇڏي ڏنائين. ننڍپڻ ۾ هي رام ليلا ۾ سيتا جو ڪردار ادا ڪندو هو.
پڙهائي ڇڏڻ کانپوءِ هن ريلوي ۾ ٽائيم ڪيپر جي نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي. بعد ۾ ريمگٽن ٽائيپ رائيٽر ڪمپنيءَ ۾ سيلز مئن طور بہ ڪم ڪيائين، ان ذريعي کيس هندستان جي مختلف علائقن ڏانهن وڃڻ جو موقعو مليو.
لاهور جي انارڪلي بازار ۾ هن جي دوستي مهرچند جين سان ٿي. ٻئي اڪثر مشاعري جون محفلون ڪندا هئا. ڪندن لال جو موسيقيءَ ڏانهن جذباتي حد تائين لاڙو هو ۽ مهرچند کيس اتساهيندو هو. 1930ع جي ڏهاڪي ۾ بي. اين سرڪار (ڪلڪتي جي فلم اسٽوڊيو نيو ٿيئٽرز جي مالڪ) هن کي نوڪريءَ تي رکيو. هتي هن جي ملاقات پنڪج ملڪ، ڪي. سي. دي ۽ پهاڙي سنيال سان ٿي. جلد ئي هي شھرت ۾ سڀني کان گوءِ کٽي ويو.
سهگل سڀ کان پهريان اردو فلم ’محبت ڪي آنسو‘ ۾ اداڪاري ڪئي. ان کانپوءِ ’صبح ڪا ستارہ‘ ۽ ’زندہ لاش‘ 1932ع ۾ رليز ٿيون، جن کي گهڻي ڪاميابي نہ ملي، پر 1933ع ۾ فلم ’پورن ڀڳت‘ لاءِ هن جي ڳايل چئن ڀڄنن وڏي مشهوري ماڻي، انهن کيس شھرت جي آسمان تي پهچائي ڇڏيو.
1935ع ۾ هن شرت چندر چٽوپاڌيايه جي ناول تي مبني فلم ’ديوداس‘ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. هن جلد ئي بنگالي سکي ورتي ۽ ستن بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪيو.
هي پهريون غير بنگالي هو، جنهن پنھنجي 30 بنگالي گانن ذريعي پوري بنگال جون دليون موهيون، هڪٻئي پٺيان هن جون ڪيتريون ئي فلمون ڪامياب ٿيون، جن ۾ ديدي (1937ع)، ساٿي (1938ع) ۽ زندگي (1940ع). سهگل جا ڳايل گانا انهن فلمن جي ڪاميابيءَ جو وڏو ڪارڻ هئا.
1941ع ۾ سهگل رنجيت مودي ٽون سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ بمبئي هليو ويو ۽ ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري ۽ گلوڪاري ڪئي. پنھنجي ڪيريئر دوران هن 36 فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ 185 فلمي ۽ 142 غير فلمي گانا رڪارڊ ڪرايا.
ڪندن لال سهگل، 18 جنوري 1947ع تي جالنڌر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.01.18  عيسوي

هندستاني گلوڪار ۽ اداڪار، ڪندن لال سهگل کي بالي ووڊ جو پهريون سپر اسٽار چيو وڃي ٿو. هو 1904ع ۾ ڄمون ۾ پيدا ٿيو.ڪندن لال سهگل، 18 جنوري 1947ع تي جالنڌر ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ حبيب ﷲ ماستر
اجمل ساوند ڊاڪٽر
تيجواڻي ڪمار
خانبهار احمد خان ڀٽو
جمن شاھہ جيلاني
طالب سميجو
عبدالستار سمو
ابڙو شيخ ھالاڻي
رمضان جت
عبدالمجيد نائچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون