سنگچور

سنگچور

سنگچور

سنگچور (Kriat): هي هڪ ننڍڙو پر زهر جي لحاظ کان سڀ کان خطرناڪ نانگ آهي. هن جي ڊيگهہ هڪ ميٽر کان ڏيڍ يا وڌ ۾ وڌ پوڻا ٻہ ميٽر ٿئي ٿي. جسم گول ۽ چلڪڻو ٿئي ٿو. هن نانگ جا مختلف رنگ ٿين ٿا، جهڙوڪ، بلو، ڪارو، شربتي، ناسي، نيراڻ تي سرمائي، گهرو نيرو، ساواڻ تي گهرو نيرو وغيره، پر پيٽ سڀني جو اڇو ٿئي ٿو. منڍي ننڍي ۽ بيضوي شڪل جهڙي ٿئي ٿي، ان ڪري ڳچي کان جدا ظاهر نہ هوندي آهي. اکيون ننڍيون، مٿيون چپ پيلو ۽ پڇ سنهڙو، ننڍو ۽ چهنبدار ٿئي ٿو. هن نانگ جي خاص نشاني سندس جسم تي ٺهيل اڇا گول ڇلا آهن، جيڪي مُنڍي ۽ ان سان گڏ ٻہ ٽي انچ ڇڏي باقي سڄي جسم تي موجود ٿين ٿا. سنڌ اندر ٿر ۾ ملندڙ سنگچور جو هڪ خاص قسم ٿئي ٿو، جنهن کي ٿر جا رهاڪو پيئڻ بلا چوندا آهن. اهو عام سنگچور کان ڊگهو، رنگ ۾ چھچ ڪارو، بت ۾ سگهارو ۽ ڪاري نانگ جيان وڏو ٿئي ٿو. سنگچور جو اهو قسم سنڌ (ٿرپارڪر)، بھاول نگر ۽ چولستان (پنجاب) جي ڪجهہ حصي ۽ راجستان (انڊيا) جي مخصوص علائقي کان سواءِ دنيا ۾ ڪٿي بہ نہ ٿو ملي. پاڪستان ۾ ملندڙ سنگچور جي ٽن قسمن مان ٻہ قسم سنڌ ۾ ملن ٿا.
هي نانگ رات ٿيڻ بعد متحرڪ ٿي پنھنجي شڪار لاءِ نڪري ٿو. ڏينهن جو گهڻو ڪري سست ٿيو ٻرن يا پنن ۾ لڪي ويهي ٿو، ان ڪري عام طرح سان ڏٺو نہ ويندو آهي. ڏينهن جو تنگ ڪرڻ تي پاڻ کي گول ڪري منهن اندر لڪائي ڇڏيندو آهي ۽ وس ڪري چڪ نہ هڻندو آهي، پر رات جو ڌڪ هڻي ٿو ڪڍي. هن جو زهر جسم جي تنتي سرشتي کي ناڪارہ ڪري ڪکيل جي اوچتو موت جو سبب ٿئي ٿو. رات جو سمهڻ جي حالت ۾ ڪکڻ ۽ سندس سنهن ڏندن سبب چڪ پاتل کي خبر نہ پوندي آهي تہ ڪو کيس نانگ ڏنگيو آهي. ان لاءِ ننڊ ۾ ئي مري ويندو آهي. سجاڳي جي حالت ۾ بہ ڪکڻ بعد گهڻو ڪري اڪثر ڪکيل اسپتال پهچڻ کان اڳ مريو وڃن. عام طرح سان هن نانگ جي خوراڪ ڏيڏر، چچيون (ڪرڙيون)، ڪوئا، پکين جا ٻچا، ننڍا سنگچور، جيت جڻيا ۽ تڏيون وغيرہ آهن. هي نانگ ٻيا نانگ بہ کائيندو آهي، ڀلي اهي ڪيترائي زهريلا ڇو نہ هجن. ان ڪري نانگ پاليندڙ هن نانگ کي ٻين نانگن سان گڏ نہ رکندا آهن. ايتري قدر جو بک جي حالت ۾ پنهنجا ٻچا ۽ جوڙيوال بہ ڳڙڪايو وڃي.
پاڪستان اندر هي نانگ ملڪ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين هر هنڌ گهٽ يا وڌ تعداد ۾ موجود ٿئي ٿو. ايستائين جو وزيرستان ۽ ڪوئٽا جي ٿڌن علائقن ۾ سندس موجودگي ڏٺي وئي آهي. ان کان سواءِ ايران ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽي ۽ ڪشمير جي ڪجهہ علائقن ۾ 1700 ميٽرن جي بلندي تي بہ موجود ٿئي ٿو. عام طرح سان هي نانگ پاڻي جي ويجهو ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تہ کيس هر وقت پاڻي جي ضرورت پوي ٿي. غير آبادي وارياسي علائقن، باغن، ڊگهي گاھہ وارن علائقن، گهاٽن فصلن، ٻيلن خاص ڪري آبادي ڀرسان وڻن ۽ پوکن ۾ ملي ٿو. رات جو نڪتل سنگچور ڏينهن جي روشني ٿيڻ تي لابارو ڪيل فصل جي ڀرين، ڪاٺين جي ڀرين، سرن جي ڍڳن، پراڻي رکيل سامان، بيٺل گاڏين، گهاٽن ٻوڙن، گهر جي اندر اونداهي وارين جاين ۾ پاڻ کي لڪائي ٿو. ٻهراڙي ۾ خاص ڪري سندس گهڻائي وارن علائقن ۾ ڇت جي ڪامن مان کٽ تي ڪري ڪکڻ بہ مشھور آهي.
سنگچور نانگ کي ٻين زهر وارن نانگن کان مختلف تمام سنها زهر وارا ٻہ ڏند اکين جي هيٺان سڌائي ۾ مٿين ڄاڙي جي وچ ۾ موجود هوندا آهن. سندس چڪ مھل سوئي ڇڀڻ جو هلڪو احساس بغير سور جي ٿئي ٿو. چڪ واري جاءِ تي سوڄ بہ نہ ٿي ٿئي ۽ نہ ئي زهر وارن ڏندن جو ڪو نشان ظاهر ٿئي ٿو. ان ڪري ڪکيل اٿڻ مھل جيڪڏهن جيئرو هوندو تہ ڪجهہ نہ ٻڌائي سگهندو ۽ سندس ڪنڌ لڙڪيل هوندو ۽ ان ئي حالت ۾ ساھہ نہ کڻي سگهڻ جي ڪري فوت ٿي ويندو. انهن زهر جي ڏندن جو نشان ظاهر نہ ٿيڻ ۽ سور نہ هئڻ ۽ ڪکيل جو ڪجهہ بہ نہ ٻڌائي سگهڻ کي ٿر وارا ائين سمجهندا آهن تہ هي نانگ انسان جي منهن تي منهن رکي سندس ساھہ پي وڃي ٿو يا سندس وات ۾ پنهنجو زهر ڦوڪي وڃي ٿو ۽ ان ڪري ئي کيس پيئڻ بلا يا ساھہ پيئندڙ نانگ چيو ويندو آهي.


لفظ سنگچورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو