سنگرار (ديھہ): تعلقي روهڙي ۽ ضلعي سکر جي هڪ ديھہ جو نالو آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
سنگرار. نواب، پريل ڦلپوٽو، محمد يوسف ڊکڻ، غلام حجام، عبدالوحيد شنباڻي، يوسف ابو پوٽو ۽ حجامڪي.
سنگرار: سنگرار صالح پٽ تعلقي جو مشھور ۽ مکيہ شھر آهي، جيڪو اروڙ کان ڪجهہ فاصلي تي ٿر ۾ واقع آهي. ورهاڱي کان اڳ هتي هندو تمام وڏي انگ ۾ رهندا هئا ۽ اڄ بہ هتي ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا. هتي خوبصورت پڪ سريون جايون هندن طرفان جوڙايون ويون هيون، جن مان ڪجهہ اڄ بہ قائم آهن، هتي تلوارون ڏاڍيون سهڻيون ٺهنديون هيون. سنگرار جي ويجهو سيراهي ۽ ڍنڍ جا مشھور شھر هئا، چچ نامي ۾ هن شھر کي بيناگار چيو ويو آهي، ان ڪري ان جي تاريخي حيثيت آهي.