سنڌ ٽائيمز (هفتيوار/ روزانہ): محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ادارت ۾ هن اخبار جو هفتيوار ايڊيشن 1970ع ڌاري پڌرو ٿيو. مئي 1971ع ۾ هيءَ اخبار پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ترجمان طور روزانہ ٿي. 1981ع ڌاري ڏيپلائي صاحب جي وفات کانپوءِ ڪجهہ عرصو سندس فرزند عبدالرحمان ڏيپلائي انهيءَ اخبار کي هلائيندو رهيو. ڪجهہ عرصو بند رهڻ کانپوءِ انهيءَ کي 1987ع ۾ عبدالرحمان ڏيپلائيءَ وري شروع ڪئي ۽ 1992ع ۾ نون مالڪن جي حوالي ڪيائين.