سنڌ جي فاطمه

سنڌ جي فاطمه

سنڌ جي فاطمہ

سنڌ جي فاطمہ (ڪتاب): هي ڪتاب قومپرست اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن چاچا محمد علي لغاريءَ جو لکيل آهي، جيڪو سندس گهر واريءَ قومي ڪارڪن ۽ سماج سڌارڪ عورت غلام فاطمہ لغاريءَ جي سوانح عمريءَ ۽ ان بابت سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقن پاران لکيل تاثراتن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو انتساب ليکڪ پنھنجي ڀاڄائي ۽ سماج سڌارڪ عورت ميرزادي لغاريءَ کي ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ’پيش لفظ‘ سفرنامن جي مشھور ليکڪ الطاف شيخ لکيو آهي ۽ ’سنڌ جي فاطمہ واشنگٽن ۾‘ عنوان سان مهاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. ڪتاب ۾ غلام فاطمہ جي ننڍپڻ کان وٺي آخري عمر تائين جي حالتن، مهمان نوازي، جاگيردار معاشري سان ٽڪراءُ، سياست ۾ پير پائڻ، سياسي جدوجھد ۽ قومي خدمتن تي روشني وڌي وئي آهي. ان کان سواءِ غلام فاطمہ بابت قومپرست اڳواڻ آصف بالادي، ڊاڪٽر امان پنهور، ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ ۽ سندس پٽ منور لغاريءَ جا تاثرات پڻ شامل آهن.
پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 215 صفحا آهن ۽ 100 روپيا قيمت ڄاڻايل آهي. هي ڪتاب دي سنڌ اڪيڊمي، حيدرآباد پاران 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو