موهن جي دڙي مان لڌل ڏاند گاڏيءَ جو ڍانچو

موهن جي دڙي مان لڌل ڏاند گاڏيءَ جو ڍانچو

ڦٽين جو فصل

ڦٽين جو فصل

ڪڻڪ جو فصل

ڪڻڪ جو فصل

ڪيلي جو فصل

ڪيلي جو فصل

ڇانهين جي واڙي

ڇانهين جي واڙي

هاري ٻني ۾ هر ڪاهيندي

هاري ٻني ۾ هر ڪاهيندي

ٻني کي هر ڏيندي

ٻني کي هر ڏيندي

بيراج

بيراج

مڪئي جو فصل

مڪئي جو فصل

انب

انب

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جي زراعت

سنڌ جي زراعت : سنڌو ماٿري، درياهن جي ڌرتي سڏجي ٿي. سنڌ ۽ سنڌو هڪ ئي وجود جو نالو آهي، ڇاڪاڻ تہ ’سنڌ‘ تي نالو سنڌونديءَ پٺيان پيو، جنهن جي معنيٰ آهي وڏو وهڪرو. سنڌ جي مٽيءَ جو ذرو ذرو ۽ هر تھہ سنڌونديءَ جي لٽ جوڙيو آهي.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيبي سرحدن مان اوائلي دور کان ڪيترائي درياھہ، نديون۽ نئيون سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. هن ماٿريءَ ۾ درياهن ۽ ندين جي گهڻائيءَ سبب زراعت هن سرزمين جو اوائلي پيشو رهي آهي، جنهن جو ذڪر تاريخي ۽ مذهبي ڪتاب ’رگ ويد‘ ۾ بہ موجود آهي. ڪپھہ ۽ اناج وارن فصلن جو پهريون تحريري ثبوت بہ ان مان ملي ٿو. موهن جي دڙي مان مليل ٺڪر جي ٿانون ۾ ڪڻڪ جا پٿرايل داڻا بہ لڌا ويا آهن. جَوَ، ڪڻڪ ۽ تِرن جي فصل ڀلي ٿيڻ ۽ ماڻهن کي پوک جي ڄاڻ بابت معلومات بہ ملي آهي. سنڌو ماٿريءَ جي لازوال تهذيبي شھر ’موهن جي دڙي‘ جي کوٽائيءَ مان اهو اندازو درست ثابت ٿيو تہ هتي شروعاتي دور ۾ کيتيءَ جا اوزار پٿر، ٽامي ۽ ڪٽ جا ٺهيل هئا، جن ۾ ڪوڏر، ڪهاڙي، رندي جا ڦر، چاقو، ڪارايون ۽ بڙڇيون شامل هيون، جڏهن تہ دنيا ۾ ڦيٿي جو پهريون وجود ۽ ڏاند گاڏيءَ جو رواج بہ سنڌ کان شروع ٿيو. موهن جي دڙي مان لڌل ڏاند گاڏيءَ جو ڍانچو ان جو واضح ثبوت آهي.
سنڌو ماٿري دنيا جو قديم تهذيبي ماڳ آهي، جنهن کي پنهنجون جاگرافيائي حدون، جبل، بيابان، زرخير ميدان، ڍنڍون ڍورا ۽ سامونڊي سرحدون، رهڻي ڪهڻي، تهذيب، ثقافت، ٻولي، پوکيءَ جا طريقا، جانورن پالڻ جو پيشو، باغبانيءَ جو فن ۽ هنر آهن. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ قديم زماني کان زراعت جي ڌنڌي ۾ اڳڀري رهي آهي ۽ زراعت سنڌ جي ماڻهن جو صديون پراڻو ڌنڌو رهيو آهي.
هتي زراعت جي شروعات سنڌو نديءَ جي وهڪرن سان ٿي. سنڌ جي زراعت ايتري قديم آهي، جيتري سنڌونديءَ ۽ ان جو وهڪرو. ان ڪري ئي هيءَ ڌرتيءَ ۽ ان جا ماڻهو هميشہ خوشحال رهيا آهن.
دنيا ۾ اڪثر اهي ملڪ، هنڌ، علائقا ۽ ماٿريون آباد رهيون آهن، جتي درياھہ جو پاڻي ميسر ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو گهڻو ڪري پوک درياھہ جي ڀر وارن علائقن ۾ ڪندا هئا، جتان جي زمين زرخيز هئي ۽ ججهي نهري پاڻيءَ جو ملڻ آسان هو.
سنڌوماٿريءَ جي زمين زرخيز ۽ سنوت ۾ هئڻ ڪري هتان جي آبهوا شروع کان موافق رهي آهي، جنهن سبب اهڙن هنڌن ۽ ماڳن ۾ زراعت جي ڪري انساني آبادي ڳتيل رهي آهي، ڇو تہ هر انسان کي خوراڪ، ڪپڙي ۽ اجهي جي ضرورت پوي ٿي، جنهن لاءِ هو جاکوڙي ۽ پاڻ پتوڙي ٿو ۽ ان جي حاصلات لاءِ کيتي يا پوکي راهي ڪري پنهنجو کاڌو حاصل ڪري ٿو.
سنڌ جي آبهوا قديم زماني کان وٺي منفرد هئڻ ڪري ڪيترائي اناج، ڀاڄيون ۽ ميوا هتي اڄ سوڌو پوکبا اچن ٿا. سنڌو ماٿريءَ آڳاٽي وقت کان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل نون وڻن ٻوٽن، فصلن، گلن ڦلن، ميون، ڀاڄين کان سواءِ پالتو جانورن ۽ جهنگلي جيوت کي پنھنجي آبهوا واري ماحول ۾ جنم ۽ جياپو ڏئي سندن بقا صدين کان برقرار پئي رکي آهي.
ڪپھہ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو تہ دنيا ۾ ڪپھہ پوکڻ ۽ ان مان ڪپڙي ٺاهڻ جو پهريون شرف سنڌو ماٿريءَ کي ئي حاصل آهي. هندو ڌرم جي ڌرمي ڪتاب ’رگ ويد‘، جيڪو عيسوي سن کان 1500 ورهيہ اڳ چيو وڃي ٿو، اُن جي اشلوڪن ۾ ’ڪرپاسا‘ يا ’ڪپھہ‘ جو بيان آهي ۽ اُن وقت جي برهمڻن ڪپھہ جا جڻيا پاتا هئا، دنيا جون قومون سنڌ جي باريڪ ۽ نرم ململ لاءِ سنڌ جون محتاج هونديون هيون.
رگ ويد مان شاهدي ملي ٿي تہ هيءَ ڌرتي زرعي وکرن، وڻن ٽڻن، کيتن، جانورن، کاڌي پيتي جي شين ۽ ثقافتي شاهڪارن سان مالامال هئي.
قديم مذهبي ڪتاب ’توريت‘ ۾ بہ سنڌو ماٿريءَ جي ململ جو نالو ’سنڊن/ سُندس‘ (سنڌڻ) ڪتب آندو آهي. سڪندراعظم بہ 326 ق. م ۾ سنڌ جي قدرتي وسيلن، دولت ۽ فن جي ساراھہ ڪرڻ کان رهي نہ سگهيو آهي. مصر جي اهرامن جي دريافت ۽ کوٽائيءَ مان اهي ثبوت مليا آهن تہ فرعونن جي لاشن ۽ ممين کي سنڌ جي ڪپڙي ’ململ‘ جو ڪفن پيل هو. سنڌ جي زرعي آسودگيءَ بابت هڪ عرب سياح جي تذڪري مطابق ’جڏهن حضرت عمر فاروق رضہ کانئس پڇيو تہ سنڌ لاءِ تنھنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ عرب سياح ٽن جملن ۾ ان جو جواب ڏنو ته، ”اُن جو درياھہ موتي آهي، اُن جا جبل ياقوت آهن ۽ اُتي جا وڻ معطر آهن.“ جڏهن تہ فاطمي خليفن جي دور ۾ سنڌ ۾ سوسين اڻڻ جو هنر رائج هو، جيڪو تيونس جي بندرگاھہ سوسا کان سنڌ ۾ پهتو ۽ سنڌ ۾ اڄ سوڌو قائم آهي.
سنڌو ماٿريءَ جا قديم ماڻهو فصلن جي مند شروع ۽ ختم ٿيڻ جو اندازو ستارن ۽ نکٽن مان لڳائيندا هئا. سنڌ جي ماڻهن چيٽ ۽ ڪتيءَ جون مندون مقرر ڪري، فصلن جي موسمن مطابق ورهاست ڪئي ۽ ڪتيءَ ۽ چيٽ ۾ ٿيندڙ سرديءَ ۽ گرميءَ وارا ڏينهن ستارن ۽ نکٽن جي اڀرڻ ۽ لھڻ تي مقرر ڪيا. سنڌ جي آڳاٽي زماني کان وٺي اڄ بہ فصلن جي ورڇ آبهوا مطابق مختلف رهي آهي. هتي جي زراعت ريتون رسمون، زرعي اوزار ۽ جاگرافيائي حالتون اثرانداز آهن.
سنڌ ۾ قدرتي طبعي ورهاست موجب سري، وچولي، لاڙ، ٿر ۽ ڪوهستان وارا علائقا اچي وڃن ٿا، جتي آبهوا ۽ پوکيءَ جي سرشتي جي مناسبت سان ڪيترائي موسمي ۽ باراني فصل پوکيا وڃن ٿا. هتي ڪتيءَ (خريف) ۾ جوئر، ٻاجهري، چانور، وونئڻ، تر، مڱ ۽ موٺ پوکيا ويندا هئا ۽ ربيع يا چيٽ ۾ ڪڻڪ، جَوَ، سرنهن، ڄانڀو، چڻا ۽ مٽر پوکيا ويندا هئا، جڏهن تہ سنڌ جي موافق آبهوا ۾ تماڪ، ڀنگ، اسپنگر ۽ ڏوڏيءَ جا فصل بہ ڪجهہ ايراضيءَ تي پوکيا ويندا هئا. اهي پوکون اڄ بہ گهڻي ڀاڱي ٿين ٿيون.
تاريخي مشاهدن موجب سنڌ ۾ اوائلي دور کان ڪڻڪ، جَوَ، ڪپھہ، ساريون، تر، چڻا ۽ مٽر پوکيا ويندا هئا. هتي هنداڻي جي پوک، ڀاڄيون، ناريل ۽ ڏاڙهن جي پوکيءَ جا بہ ثبوت ملن ٿا. ٻيلن جي وڻن ۾ ٻٻر، ڪنڊي، لئو، باهڻ وغيرہ عام هئا. جڏهن تہ نم، اڪ، ٿوهر، ٽوھہ، ٻـُڪن، منڍيري، للر، لنب، مريڙو ۽ جهل وغيرہ کاڌي ۽ دوائن لاءِ ڪتب ايندا هئا. ٻئي طرف چوپائي مال ۽ ڳئن، مينهن، ڍڳن ۽ ٻڪرين سان گڏ اوائلي دور ۾ سنڌو نديءَ جي ڪناري سان گهاٽن ٻيلن، ميداني جابلو ۽ ريگستاني علائقن ۾ هرڻ، سرھہ، گڊ، ڦاڙها، گدڙ، لومڙ، بگهڙ ۽ ٻي جهنگلي جيوت ٿيندي هئي. اوائلي دور واري سنڌ جي پکيڙ موجودہ سنڌ کان گهڻي وڌيڪ هئي، ان ڪري سنڌ قدرتي طور وڻن، ٻوٽن، فصلن، ڀاڄين، ميون، گاهن ۽ جڙي ٻوٽين سان گڏ پالتو ۽ جهنگلي جانورن جو آماجگاھہ رهي آهي.


سمن جو دور سنڌ جي خوشحاليءَ جو دور سڏجي ٿو. اُن زماني ۾ سنڌ ۾ کيتي ۽ واپار جي وڏي ساک هئي، ڇاڪاڻ تہ آڳاٽي دور ۾ سنڌ جو واپاري مال، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موڪليو ويندو هو. سنڌ جِي ململِ واپار جو اهم وکر هئ، جڏهن تہ وڻج واپار ۾ نير، لاک، عاج، عمارتي ڪاٺ، ميندي وغيرہ شامل هئا. ميون ۾ انب، ڪيلا، نارنگيون، زيتون ۽ اناج ۾ ڪڻڪ، جوئر ۽ چانورن جون سُڳداسي جنسون ڏيساور موڪلي ناڻو ڪمايو ويندو هو.
ان دور ۾ سنڌ جون زمينون گهڻي ڀاڱي آباد هيون. سنڌ جي زرعي خوشحاليءَ جو اهڙو دور سمن، مغلن ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت تائين بہ رهيو. سنڌ جا ماڻهو زراعت جي پيشي ۾ گهڻو رڌل هئا. سندن خاص کاڌو چانور ۽ مڇي هو ۽ کير مان بھترين قسم جو مکڻ، ڏڌ ۽ لسي حاصل ڪندا هئا. سنڌ ۾ڪيترن ئي قسمن جا ميوا ٿيندا هئا، جن مان انب نهايت سٺا هئا.
مغلن جي دور ۾ سنڌ ۾ ڊگها وونئڻ پوکيا ويندا هئا ۽ باغن جي گهڻائي هئي. هتي جي زمين زرخيز ۽ گهڻي قدر آباد هئي. کيتيءَ لاءِ ڪم ايندڙ اوزارن ۾ هر، پاهوڙي، ڪوڏر، ڏاٽو، ڏانداري، ٻيانو، ڪهاڙي، هرلو، ڪيڻ، سانهر ۽ پاڃاري وغيرہ شامل هئا، جيڪي اڄ سوڌو استعمال ٿي رهيا آهن.
انگريز ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ ۾ واپار جي نيت سان داخل ٿيا ۽ هنن سنڌ جو ڪپڙو خريد ڪيو. هڪ انگريز سياح مطابق جيتوڻيڪ سنڌ هڪ ننڍو ملڪ آهي، پر قدرتي طرح زرخير آهي ۽ نهايت آسودو ۽ آباد آهي. سنڌ ۾ انب، ٻير، نارنگيون، ليما، گدامڙي ۽ ڄمون وغيرہ گهڻي انداز ۾ ٿين ٿا ۽ ساين ڀاڄين ۾ ساڳ، پالڪ، چڻن جي، پلي توري ۽ ونگا وغيرہ عام جام آهن.
سنڌ جي فتح بعد هڪ ٻيو انگريز سياح ٻڌائي ٿو تہ :”ڏکڻ سنڌ ۾ چانور ماڻهن جو خاص کاڌو آهن ۽ تمام گهڻي انداز ۾ اُپائي ڪافي بچت ڪئي وڃي ٿي.“ اتر سنڌ ۾ خريف ۽ ربيع جا مکيہ فصل جوئر ۽ ڪڻڪ هئا. باقي ٻين فصلن ۾ ٻاجهري، مڱ، تر، هيرڻ، جَوَ، السي ۽ سرنهن ڏٺا ويا، جڏهن تہ سنڌ ۾ ٿوري ايراضيءَ تي ڪمند، تماڪ، ڏوڏي، ڀنگ بہ پوکي ويندي هئي. هن سياح سنڌ ۾ چانورن، ڪڻڪ، جوئر ۽ وونئڻن کان سواءِ پالڪ، موري، ٿوم، ڪدو، مٽرن ۽ پٻڻ (بھہ) جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ جا بھترين باغ ٺٽي، نصرپور، حيدرآباد، سيوهڻ ۽ روهڙيءَ ۾ هوندا هئا. روهڙيءَ کي ’سنڌ جو چمن‘ سڏيندا هئا، جنهن جي چوڌاري ساوڪ جا نظارا ڏسڻ ۾ ايندا هئا.
انگريزن جي دور حڪومت 1843ع ۾ سنڌ جي پوک هيٺ جملي ايراضي 12 لک ايڪڙ هئي، جڏهن تہ سال 1885ع ۾ پهريون ڀيرو زمين جي جاچ، پڙتال جا انگ اکر گڏ ڪيا ويا، جنهن موجب سنڌ ۾ پوکيءَ هيٺ ڪل ايراضي 14 لک 70 هزار ايڪڙ هئي، جيڪا بعد ۾ آباد ڪئي وئي.
1924ع ۾ بمبئي زرعي ڊائريڪٽوريٽ، پونا جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ فصلن، ڀاڄين، باغن ۽ ٻيلن هيٺ ڪل ايراضي اٽڪل 47 لک ايڪڙ هئي، جن ۾ ساريون 12 لک ايڪڙ، ٻاجهري 10 لک ايڪڙ، ڪڻڪ 5 لک ايڪڙ، جوئر 5 لک ايڪڙ، مٽر 3 لک ايڪڙ، چڻا 2 کان 5 لک ايڪڙ، سرنهن ۽ ڄانڀو 3 کان 5 لک ايڪڙن تي پوکيا ويندا هئا. سنڌ ۾ ويهين صديءَ جي ابتدائي دور تائين فصلن مان خالص جنسون چونڊي پوکيون وينديون هيون تہ جيئن ملاوٽي/ گاڏڙ جنسن کان نجات ملي ۽ وڌيڪ پيداوار بہ حاصل ڪجي، جنهنڪري ديسي جنسن پوکڻ ڏانهن لاڙو گهٽبو ويو. سنڌ ۾ فصلن جي اعلى قسم جي جنسن جو عروج رهيو آهي، جن ۾ چانورن جي عمدي ۽ خوشبودار جنس سڳداسي، ڪڻڪ جي جنسن ۾ ڦندڻي، ٺوڙهي ۽ بوجاري، جوئر ۾ ڳاڙهي ۽ اڇي جوئر (ڳاڙهي ۽ سائي تري) ۽ چڻن جي جنسن ۾ سناني، ڪابلي ۽ سنڌي ڇولا پوکيا ويندا هئا، جڏهن تہ ڪپھہ جي ديسي جنس، جنهن کي سنڌي ڪپھہ (Indus Cotton) سڏيو وڃي ٿو، تنهن جي پوکائي ڪافي ايراضيءَ تي ڪئي ويندي هئي.
جديد زراعت: جديد زراعت موجودہ دور جو اهم پهلو آهي، جنهن تي انساني زندگيءَ جي جياپي جو دارومدار آهي. زراعت معيشت جو اهم حصو آهي، جيڪا هن وقت پنهنجون جديد تقاضائون پوريون ڪرڻ جي ابتدائي مرحلي ۾ آهي، ڇاڪاڻ تہ سنڌ جي زراعت صديون پراڻي تھذيب ۽ ثقافت جي اثر هيٺ رهي آهي. هن وقت زراعت پنھنجي روايتي ماحول کان نڪري هڪ ڪاروبار يا ڌنڌو بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ فصل پوکڻ ۽ جانور پالڻ اچي وڃن ٿا. زراعت جي ڌنڌي يا ڪاروبار ۾ سيڙپ ڪئي وڃي ٿي. نتيجي ۾ معاشي فائدو حاصل ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تہ زراعت کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي، جنهن جو سبب زرعي خام مال آهي، جيڪو وڏي صنعتي اهميت رکي ٿو.
زراعت هڪ وسيلو آهي، جنهن جي ترقي ۽ واڌارو نئين سر جوڙجڪ تي منحصر آهي. زراعت جي ترقي ۽ ڪاميابيءَ جو انحصار، موافق آبهوا، بهتر آبپاشي نظام، زرخيز زمين، سڌريل جنسن، پوکيءَ جي جديد طريقن، علائقي وار فصلن جي رٿابنديءَ، خالص ٻج، زرعي دوائن، ڪيميائي ڀاڻ ۽ جيتن ۽ بيمارين جي خاتمي لاءِ بهتريءَ تي آهي.
پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جتي آبپاشيءَ جو بھترين نظام موجود آهي. هن خطي ۾ دائمي آبپاشي مطابق گهڻ- فصلي پوک سان گڏ ساريالي پوک، دوباري پوک، گهٽ پاڻيءَ وارن فصلن جي پوک، گڏيل فصلن جي پوک، ميون ۽ ڀاڄين جي پوک، بوسي يا باراني پوک ڪئي وڃي ٿي.
سنڌ ۾ زراعت جي ترقيءَ جو رجحان روايتي زراعت کان جديد طرز واري زراعت ڏانهن وڌندڙ آهي، جنهن ۾ پوکيءَ جا جديد طريقا، سڌريل جنسون، خالص ٻج، جديد زرعي اوزار، وقتائتي پوک، آبپاشي جو بهتر انتظام، متوازن غذا، جيتن ۽ بيمارين کان تحفظ وغيرہ شامل آهي، جڏهن تہ جديد زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو اثر اهو پيو آهي تہ سنڌ جا آبادگار پنهنجا عام رواجي ۽ روايتي طريقا ڇڏي جديد زرعي حڪمت عملي هيٺ پوک ڪري وڌيڪ اپت حاصل ڪن ٿا.
هن خطي جي زراعت کي ٽن مرحلن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جن ۾ ڏاندن ذريعي زراعت يا کيتي (Bullock Farming)، ٽريڪٽر ذريعي کيتي (Tractor Farming) ۽ مشيني زراعت يا کيتي (Mechanized Farming) شامل آهن. ڏاندن ذريعي کيتيءَ جو ڪم آڳاٽي دور کان هلندو پيو اچي، ڇاڪاڻ تہ کيتيءَ جي ڪم ڪار لاءِ ڏاندن واري هر ذريعي گُڏ ڪڍڻ، ڳاھہ ڳاهڻ، اناج ۽ گاھہ ڍوئڻ جو ڪم ڏاندن کان ورتو وڃي ٿو.
سنڌ ۾ زراعت جي وڌ ۾ وڌ ترقي سترهين صديءَ ۾ ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ ٿي، جنهن دوران وڏا واھہ کوٽيا ويا ۽ پوکيءَ لاءِ آبپاشيءَ جو پاڻي بهتر نموني استعمال هيٺ آندو ويو، جڏهن تہ ٻيو دور ارڙهين صديءَ ۾ انگريزن جي حڪمرانيءَ کان شروع ٿيو. هن دور ۾ 1932ع ڌاري سکر بئراج جو منصوبو عمل هيٺ آيو ۽ سنڌونديءَ تي ٻنهي پاسي وڏا واھہ کوٽيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ زراعت لاءِ آبپاشيءَ جو بهتر نظام وجود ۾ آيو. جڏهن تہ اوڻيهين صديءَ ۾ ورهاڱي کانپوءِ 1955ع ۾ ڪوٽڙي بئراج ۽ 1967ع ۾ گڊو بئراج ٺھڻ کانپوءِ زراعت کي وڌيڪ تقويت ملي.
ملڪ ۾ جديد زراعت واري شعور وڌڻ سبب آبادگارن پوکيءَ جا پراڻا طريقا ڇڏي، نئين زرعي ٽيڪنالاجي ۽ نئين زرعي نظام ڏانهن توجھہ ڏنو آهي، جنهنڪري خالص ٻج، ڪيميائي ڀاڻ، زرعي دوائون، ٽريڪٽر ۽ جديد زرعي آلات يا فارم مشينري استعمال هيٺ اچي رهيا آهن. پاڪستان ۾ ورهاڱي کانپوءِ واري دور کان وٺي ڪجهہ زرعي مسئلن جي حل لاءِ ٽيڪنالاجي جي کوٽ رهي آهي، جنهنڪري پيداوار تي خراب اثر پوندا رهن ٿا، جن ۾ سم ۽ ڪلر، گندي پاڻيءَ جو نيڪال، آبپاشيءَ جي پاڻي جي کوٽ، زمين ۾ نامياتي مادي جو اڻپورو هجڻ، وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ جنسن جي اڻاٺ، اناج، دالين ۽ تيلي ٻجن جي کوٽ، ڪپھہ، ڪيلي ۽ انب کي تباھہ ڪندڙ بيماريون، ٻوٽن جو اڻپورو تحفظ، فصلن جي علائقي بندي جي کوٽ، ٻيلن جي واڍي ۽ زمين جو ڪٽاءُ وغيرہ اهم زرعي مسئلن ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا.
پاڪستان ۾ 1960ع کان 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ’سبز انقلاب‘ (Green Revolution) بعد پوک لاءِ ڪيميائي ڀاڻ ۽ جديد زرعي مشينري جھڙوڪ: ٽريڪٽر جو استعمال عمل ۾ آيو، جنهن سان زرعي ترقيءَ ۾ اضافو ٿيو. ملڪ ۾ چانورن جو ايري-6 جنسون ٻاهران آنديون ويون. پيداوار ۾ ان انقلابي قدم سان هارين ۽ آبادگارن ۾ خوشحالي آئي. ان کان سواءِ هن عرصي ۾ ڪيميائي ڀاڻ، جيت مار، ڦنگي مار ۽ گاھہ مار دوائن جو واهپو عمل ۾ آيو، جنهن جا خاطر خواھہ نتيجا ڏسڻ ۾ آيا، ڇاڪاڻ تہ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن زرعي ڪم کي اڃا بہ آسان بنايو، جنهنڪري وقت ۽ ڳري سيڙپ ۾ گهٽتائي آئي ۽ آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو. اهو سائو انقلاب هو، جنهن آبادگارن کي ڏاند گاڏي کان ٽريڪٽر ۽ ٽانگي يا گهوڙي گاڏي کان پجارو تائين پھچايو. ملڪ ۾ ترقيءَ سبب گذريل ٻن ڏهاڪن (2000ع- 1980ع) ۾ اڃا بہ وڌيڪ جديد زرعي ٽيڪنالاجي متعارف ٿي آهي ۽ ان ۾ اضافو پڻ آيو آهي، 2000ع کان 2014ع تائين اڃا بہ وڌيڪ مشيني زراعت ڏانهن لاڙو ڏسجي ٿو، پر اها معاشي لحاظ کان مهانگي هجڻ سبب پنھنجي ڪاميابي جي شروعاتي مرحلن ۾ آهي، ڇاڪاڻ تہ جديد زرعي ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال جو فائدو گهڻي قدر وڏو آبادگار ۽ زميندار وٺي سگهي ٿو.
علائقائي آبهوا، زمين جو قسم، آبپاشي نظام، فصلن جا قسم، زرعي مشينري، پوکيءَ جا طريقا، فصلن جي وارڦير، ٻوٽن جو تحفظ، پيداوار جي اعلى خاصيت، مارڪيٽ جي سهولت، بهتر ۽ جديد زراعت جا بنياد آهن ۽ ان کي عام طور جٽادار زراعت (Sustainable Agriculture) چئجي ٿو. هن ٽيڪنالاجيءَ جي حاصلات ۽ افاديت جو دارومدار هن ڳالھہ تي آهي تہ آبادگار وٽ جديد فارم واريون سهولتون هجن، جن ۾ فارم جي عمارت، زرعي اوزار ۽ جانورن پالڻ لاءِ لانڍيون (Sheds) ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون ۽ اناج رکڻ لاءِ گدام (Store Houses)، فارم تي پاڻيءَ جو بهتر نظام، زمين جي بهتر ٻارا بندي، فارم کان پڪي تائين روڊ ۽ رستا، ناڻي وارن فصلن جي چونڊ، پوکيءَ جا جديد طريقا هجڻ سان گڏ ٻوٽن جي تحفظ لاءِ بهتر ۽ جديد اپاءَ وٺڻ جون سهولتون هجڻ ضروري آهن.
دنيا ۾ زرعي تحقيق سبب جديد زراعت ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، جنهن ۾ بايو ٽيڪنالاجيءَ جي شعبي جينياتي انجنيئرنگ (Genetic Engineering)، ٽشو ڪلچر (Tissue Culture)، مائيڪرو پروپگيشن (Micro Propagation) ۽ جين ڪلوننگ (Gene Cloning) جي ڪري ٻوٽن ۾ بهتر نسلي سڌارو ۽ پيداوار ۾ اضافو آيو آهي. هن کان اڳ ڪيميائي محرڪن ذريعي ٻوٽن جي واڌ ۽ پيداوار ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ۽ سڌارا آندا ويا آهن.
زراعت ۾ ماحولياتي تحفظ واري حوالي سان اڄ ڪلھہ زرعي دوائن جي رجحان کي گهٽايو پيو وڃي، جنهنڪري جيت مار ۽ گاھہ مار دوائن جي ڦوهاري کي ڇڏي ٻيا گڏيل تحفظ وارا طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ مروج پوکي واري سرشتي اندر نامياتي پوک (Organic Farming)، نامياتي ڀاڻ ۽ بايو فرٽيلائيزر بہ زمين ۽ فصل جون حالتون سڌارڻ ۽ پيداوار وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. پوک جا نامياتي طريقا زمين جي زرخيزي ۽ ان ۾ نامياتي مادي جو اضافو آڻين ٿا، جنهنڪري زمين جون طبعي، ڪيميائي ۽ حياتياتي خاصيتون سڌرن ٿيون. جنهن سبب زمين نرم، هوادار ۽ گهڻي وقت لاءِ پاڻي جذب رکڻ جي صلاحيت وڌائي ٿي، جنهن سان زمين زرخيز ٿئي ٿي ۽ خوراڪ جي جزن ۾ اضافي سان گڏ فصلن جي پيداوار ۾ خاطر خواه اضافو ٿئي ٿو.
جديد زراعت ۾ فصلن جي سڌاري واري ٽيڪنالاجيءَ مطابق اڄڪلھہ هائبرڊ سيڊ (ٻِسر- ٻج/ (Hybrid Seeds ۽ جينياتي تبديليءَ وارن فصلن جي واهپي ۽ پوک ۾ اضافو اچي رهيو آهي، جن ۾ اناج، تيلي ٻجن ۽ ڌاڳي وارن فصلن جا هائبرڊ سيڊ ۽ هائبرڊ جنسون تيار ڪيون وڃن ٿيون، ان سلسلي ۾ هائبرڊ مڪئي، چانور، هائبرڊ جوئر ۽ ٻاجهري ۽ ڪپھہ يا وونئڻن جون هائبرڊ جنسون تيار ڪيون وڃن ٿيون. ان سان گڏ بي.ٽي ڪاٽن (B.T Cotton) جا قسم بہ شامل آهن، جيڪي جيتن ۽ زرعي بيمارين لاءِ قوت مدافعت رکن ٿا، جڏهن تہ زرعي پيداوار سان گڏ زرعي صنعتون جھڙوڪ: ڪپڙي جي صنعت (Textile Industries)، کنڊ، گيھہ ۽ خوراڪي شين جون صنعتون (Food Industries)، کير مکڻ واريون صنعتون (Dairy Industries)، گوشت ۽ مڇي جون صنعتون (Meat & fish Industries)، ميوي جي صنعت (Fruit Industries)، ماکيءَ جي صنعت (Honey Industries)، ريشم جي صنعت (Silk Industries)، ٻيلن جي صنعت (Forest Industries)، اوني ڪپڙي جي صنعت (Wool Industries)، چمڙي جي صنعت (Leather Industries)، گلن جي صنعت (Flower Industries)، مشروبات جي صنعت (Beverage Industries)، مرغبانيءَ جي صنعت (Poultry Industries)، ڪـاغـذ جـي صنـعـت (Paper Industries)، عمارتي ڪاٺ جي صنعت (Timber Wood Industries)، ماچيس جي صنعت (Match Industries)، مصالحن جي صنعت (Spices Industries)، دواسازيءَ جي صنعت (Drug Industries) وغيرہ وسيلن سان لاڳو آهن، جن جي ترقي ۽ اوسر پڻ وڌندڙ آبادي جي جياپي ۽ گذرسفر جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي.
جديد زراعت جي واڌاري ۽ ترقيءَ سبب آبادگارن جي زرعي پيداوار جي وڪري ۽ کپت جا نوان گس ۽ رستا کليا آهن، جن ۾ سرڪاري ۽ خانگي طور زرعي خام مال کي زرعي صنعتن تائين پهچائي ان مان واپار لاءِ ڪپڙو، گيھہ، کنڊ وغيرہ تيار ڪري ناڻو ڪمايو وڃي ٿو، جنهنڪري ملڪي سطح تي هر قسم جي جنس يا وکر جي کپت لاءِ زرعي منڊيون، مارڪيٽ ۽ ڪارخانا قائم ڪري انساني وسيلن ۽ روزگار ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.
سنڌ جو زرعي ماحولياتي سرشتو: هي خطو طبعي لحاظ کان پنجن قدرتي ڀاڱن اتر، وچولي، لاڙ، ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ورهايل آهي. انهن مان ٿر ۽ ڪوهستان باراني علائقا آهن، جتي آبپاشيءَ جو ڪو باقاعدي نظام نہ آهي ۽ پوکي برسات تي ٿئي ٿي. سنڌ جي باراني علائقن ۾ برسات پوڻ تي جوئر، ٻاجهري، تر، گوار، هيرڻ، گدرا، ميها ۽ ونگا وغيرہ پوکيا وڃن ٿا، جڏهن تہ سنڌ جا اتر، وچولي ۽ لاڙ وارا علائقا سنڌوءَ جي ميداني ڀاڱن (Indus Plains) ۾ شامل آهن، جيڪي سنڌونديءَ جي آبپاشيءَ واري پاڻيءَ ذريعي آباد ڪيا وڃن ٿا. سنڌ جي وچولي ميداني علائقي ۾ آبپاشيءَ جو بهتر نظام، مندائتا ۽ دائمي واھہ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن کي آباد ڪن ٿا.
سنڌ جي زرعي سرشتي ۽ آبپاشي نظام کي انگريزن جي دور ۾ نئين سر سڌاريو ۽ وڌايو ويو. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهيو، جنهن ذريعي سڄي سنڌ ۾ واهن ۽ ڪئنالن جو ڄار پکيڙيو ويو. پراڻن واهن کي وڌيڪ ۽ بهتر آبپاشيءَ لاءِ سڌاريو ويو. هن بئراج جي کاٻي پاسي رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال آهن، جڏهن تہ ساڄي پاسي روهڙي ڪئنال ۽ نارا ڪئنال اچي وڃن ٿا. پاڪستان ٺھڻ بعد سنڌ اندر وڌيڪ بئراجن جو اضافو ٿيو، جن مان ڪوٽڙي بئراج 1955ع ۾ ٺهيو، جنهن مان هڪ طرف ڦليلي واھہ، لائينڊ چئنل ۽ پڃاري واھہ نڪرن ٿا ۽ ٻئي طرف ڪلري بگهياڙ واھہ نڪري ٿو. سال 1967ع جي عرصي دوران سنڌ ۾ هڪ نئين بئراج جو پايو وڌو ويو، جنهن کي ’گڊو بئراج‘ جو نالو ڏنو ويو. هن بئراج مان درياھہ جي کاٻي پاسي گهوٽڪي ڪئنال کوٽي آبپاشيءَ لاءِ پاڻي پھچايو ويو. سنڌ جي بئراجي سرشتي اندر علائقي ۽ فصلن جي وار ڦير جي لحاظ کان چانور، وونئڻ، ڪڻڪ، ڪمند، جوئر ۽ مڪئي اهم فصلن طور پوکيا وڃن ٿا، جڏهن تہ داليون، تيلي ٻج، ڀاڄيون، ميوا ۽ گاھہ وارا فصل بہ بئراج وارين ايراضين ۾ سرشتيوار پوکيا وڃن ٿا.
آبهوا جي لحاظ کان سنڌ نيم گرم ۽ خشڪ علائقو آهي، جتي اونهاري ۾ گهڻي گرمي ۽ سياري ۾ سردي پوي ٿي. سنڌ ۾ چوماسي جون برساتون گهڻيون پون ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ مٽيءَ جا طوفان بہ اچن ٿا، جڏهن تہ شديد برساتن سبب گهڻي قدر ٻوڏ جهڙي صورتحال پڻ پيدا ٿئي ٿي. هن علائقي ۾ عالمي سطح تي گرمي پد ۽ شدت سبب ماحولياتي تبديليون آيون آهن، جنهنڪري چوماسي جون برساتون گهٽجي ويون آهن. نتيجي ۾ سوڪهڙي ۽ ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آهن.
سنڌ جي زرعي سرشتي ۾ کيتي يا پوکي راهيءَ سان گڏ چوپايو مال پالڻ، ٻيلا رکڻ، باغباني ۽ جهنگلي جيوت جي اهميت آڳاٽي زماني کان وٺي اڄ بہ قائم ۽ دائم آهي. سنڌ هن وقت بہ قدرتي طور تحفي ۾ مليل زرعي جنسن ۽ سندن پيداوار ۾ شاهوڪار آهي، جن ۾ غذائي فصلن جون جنسون، ميوا ۽ ڀاڄيون، گل ڦل، وڻ ٻوٽا يا جانورن جا ڪيترائي نسل ۽ جهنگلي جيوت مشھور آهن. هن قسم جون زرعي جنسون ۽ جانورن جا نسل جيڪي اسان جي زرعي وسيلن ۽ قيمتي سرمائي ۾ شامل آهن، تن کي جديد دور جي تقاضائن موجب سائنسي طريقن سان وڌائي ملڪي ۽ غير ملڪي واپاري ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون، جنهن مان ڳچ ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. سنڌ جي زرعي جنسن ۾ هڪ خاص ميوي جي جنس ’سنڌڙي انب‘ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، جيڪا ذائقي ۽ خوشبوءِ جي لحاظ کان بيحد مقبول آهي ۽ دنيا جي منڊيءَ ۾ وڌيڪ پسند ڪئي وڃي ٿي. جڏهن تہ سنڌ جو ڪيلو، زيتون، ٻير ۽ کجور بہ ٻاهرين ملڪن ۾ وڌيڪ ناڻو ڪمائيندڙ ميوا جھڙوڪ: چيڪو، پپيتو، لچي ۽ ناريل اهميت وٺي رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۽ ساحلي پٽيءَ وارن علائقن ۾ پوکي هيٺ آهن.
سنڌ جا سڳداسي چانور، اناج وارن فصلن ۾ اهم زرعي جنس طور شمار ٿين ٿا. گرم مصالحن ۾ مرچ جي جنس کي ڏسجي تہ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مرچن جي منڊي سنڌ جي شھر ’ڪنريءَ‘ ۾ آهي. سنڌ ۾ ڪپڙي ۽ هٿ جي هنر واري صنعت ڏسجي تہ اڄ بہ ڪپھہ مان وڌ ۾ وڌ اجرڪ، کاڌي ۽ سوسيون، هالا، ٺٽي، ٽنڊي محمد خان ۽ نصرپور ۾ تيار ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ ۾ ٻين زرعي جنسن ۾ ميهڙ جي ميندي، لاڙڪاڻي جا بھہ ۽ پلي ۽ بوبڪائي ڀنگ ۽ تماڪ وڏي اهميت رکن ٿا، جڏهن تہ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ پان ۽ ناريل جي پوک اهميت رکي ٿي. سنڌ جي ٿر ۽ ڪوهستان وارن علائقن ۾ قدرتي جڙي ٻوٽيون خاص ڪري گگر ۽ ٽوھہ وڏي اهميت رکن ٿيون.
سنڌ جا زرعي مسئلا ۽ انهن جو حل: هن وقت سنڌ جي زراعت تباھہ حال آهي. سنڌو درياھہ ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجي ساليانو يا موسمي فصلن جي پوکيءَ جو پورائو ڪرڻ جي قابل نہ رهيو آهي. درياھہ جي پيٽ مان ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سڄو سال واري اڏامندي رهي ٿي. سنڌونديءَ جي ڇوڙ طرف پاڻيءَ جو وهڪرو ڏهن يا ٻارهن سالن کان مڪمل طرح بند آهي. نتيجي ۾ سمنڊ جو پاڻي زرخير علائقن ۾ ڌوڪي آيو آهي، جنهنڪري زمينون، فصل ۽ تمر جا ٻيلا تباھہ ٿي رهيا آهن. هاڻي تہ گڊو ۽ سکر بئراج وٽ بہ پاڻيءَ نہ ٿو پهچي. دنيا جي بي مثال جهنگلي جيوت انڌي ٻلهڻ موت جي ور چڙهيل آهي.
سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي فصلن جي پوکي سخت متاثر ٿي آهي، ڪپھہ، ڪڻڪ، ڪمند ۽ سارين جي ايراضي ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن تہ پوکي جي خريف ۽ ربيع جي مندن ۾ اڪثر ڪري وارا بندي ڪئي وڃي ٿي. هن وقت سنڌ اڪيچار زرعي ۽ معاشي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، جن ۾ ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون، زمين جي تياري، فصلن جي پوکي، پيداوار ۽ ان جي خاصيت ۽ مارڪيٽ تائين رسائي آبادگارن ۽ صوبي جي معاشي مسئلن ۾ اضافو ڪيو آهي. سنڌ جا اهم زرعي مسئلا هيٺ ڏجن ٿا.
زراعت جي ناقص رٿابندي: سنڌ صوبو ماحول ۽ وسيلن جي لحاظ کان سڀ کان آسودو رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌو نديءَ جي ٻنهي پاسي زرخيز زرعي زمين، بهتر آبپاشي نظام، ڪمائتا فصل، ٻيلا، اناج ۽ پوکون، باغ، کيريتا جانور، ماهيگيري، ڍنڍون، جابلو ريگستان ۽ سامونڊي جيوت وغيرہ اهميت رکن ٿا، جن جي تحفظ، واڌ ۽ ترقيءَ لاءِ خاص رٿابنديءَ جي ضرورت آهي.
هن وقت سنڌ زرعي حوالي سان ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. ان ۾ وسيلن جو زيان يا تباهي ۽ انهن جي حل لاءِ ناقص رٿابندي مکيہ ڪارڻ آهن. سنڌ جو آبادگار نئين زرعي حڪمت عمليءَ کان اڻ واقف ۽ جديد زراعت جي افاديت کان گهڻو وانجهيل آهي. هو هن وقت بہ جديد زرعي ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال کان ڪيٻائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ گهڻي سيڙپ ڪرڻي پوي ٿي. سنڌ جو آبادگار اڃا سوڌو پوکيءَ جا پراڻا طريقا ۽ زرعي اوزار ڪم آڻي ٿو، جنهن جو سبب جديد زرعي ٽيڪنالاجيءَ کان اڻ واقفيت ۽ مهانگي ۽ ڳري قيمت واري ٽيڪنالاجي آهي.
فصل ۽ پوکي: زراعت ۾ فصل جي پوکيءَ جي وڏي اهميت آهي. فصل ۽ پوکون ڪمائي يا آمدنيءَ جو ذريعو آهن، جن جي خوراڪي ۽ صنعتي اهميت هجڻ ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو. هتان جي فصلن ۽ زرعي جنسن ۾ اناج، دالين، تيلي ٻجن، ڀاڄين، ميون ۽ ٻين صنعتي فصلن جھڙوڪ: ڪمند، ڪپھہ، کاڄرو تيل، مرچ ۽ مصالحا وغيرہ جديد تحقيق ۽ سائنسي طريقن ذريعي پوکڻ سان آبادگارن جون معاشي حالتون بهتر ٿينديون ۽ ملڪ بہ خوشحال ٿيندو. سنڌ ۾ اڄڪلھہ اضافي آمدنيءَ وارا فصل جھڙوڪ: پان، گلاب، ميندي، نازبو، سورج مکي، تر، هيرڻ، اسپنگر، سونف، ڪلونجي، سنڍ وغيرہ دوائن جي صنعت ۾ ڪم اچن ٿا.
آبهوا جي تبديلي: عالمي سطح تي آبهوا ۾ تبديليءَ سبب گرميءَ ۾ واڌ ۽ برساتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهنڪري سڄيءَ دنيا سان گڏ سنڌ ۾ بہ قدرتي نباتات ۽ حيوانات (Natural Flora and Fauna) سخت متاثر ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ آبهوا جي تبديليءَ جو دارومدار سامونڊي ۽ خشڪ هوائن جي رخ ۽ رفتار ۾ فرق، سمنڊ کان پري- اوري، سمنڊ جي سطح کان اوچائي، زميني نقشي، علائقي جي آبهوا، قدرتي نباتات، پوکيءَ جي سرشتي، زمين جي قسم ۽ ٻيلن تي آهي. ان کان سواءِ آبهوا جي تبديليءَ جي عنصرن ۾ بجلي گهر، ائٽمي توانائيءَ جو اخراج، صنعتون يا ڪارخانا، چمنيءَ جو دونهون، گاڏين جو دونهون- جيڪي پڻ عالمي سطح تي گرميءَ جو درجو وڌائين ٿا، شامل آهن، جنهن جي سراسري شرح 5.1 آهي. ان جي برعڪس ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين ۽ اوزان گئس جي اضافي سبب گرمي ۾ واڌ آئي آهي، جنهن جو زراعت تي خراب اثر پيو آهي.
سنڌ ۾ آبهوا واريون تبديليون بہ عالمي آبهوا ۽ ماحولياتي تبديلين جي ڪري آهن. هن وقت سنڌ ۾ آبهوا جي تبديلين جو پوکيءَ واري سرشتي تي گهرو اثر نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ تہ سخت گرمي، گهٽ برسات ۽ طوفاني هوائن ۽ سوڪهڙي وارين حالتن جي ڪري پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي آهي، جنهن سان زرعي پيداوار کي پڻ ڌڪ رسيو آهي.
سنڌوندي ۽ ٻيلا: سنڌ لاءِ سنڌو درياھہ هڪ اهم وسيلو آهي، جيڪو سنڌ جي زرعي، معاشي ۽ ماحولياتي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ تہ سنڌ جي زراعت سنڌوءَ جي ڪري ئي پنهنجو وجود قائم رکي سگهي آهي. سنڌ لاءِ درياھہ آبپاشيءَ جو واحد ۽ اهم ذريعو آهي، جنهن جو پاڻي پيئڻ ۽ فصل اپائڻ جي ڪم اچي ٿو. هيءَ ندي ايشيا جي وڏين ندين ۾ شمار ٿئي ٿي، جيڪا ٿٻيٽ مان نڪري هماليا جبل کان وهي اچي سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿي. سنڌ مان سنڌوءَ جي وهڻ جو هتان جي زراعت تي وڏو اثر آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ سنڌو درياھہ نہ هجي ها تہ سنڌ بہ وچ ايشيا جي ويران صحرائن وانگر هڪ خشڪ وارياسو بيابان هجي ها.
سنڌو درياھہ جي ڪناري سان قدرتي ٻيلا وڏي اهميت رکن ٿا، جيڪي نہ صرف ٻوڏن کي روڪين ٿا، پر موسم ۽ آبهوا کي بہ خوشگوار بڻائين ٿا. ٻيلا گرميءَ جي شدت گهٽائڻ ۽ برسات آڻڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿين ٿا. ٻيلن واري زمين فصلن جي پوکيءَ لاءِ ڪم اچي ٿي ۽ ٻيلا جهنگلي جيوت جو اجهو پڻ آهن. سنڌ ۾ ٻن قسمن جا ٻيلا ٿين ٿا، جن ۾ درياهي ٻيلا ۽ هٿرادو ٻيلا شامل آهن. سنڌ جا درياهي ٻيلا ڪشمور کان ٺٽي تائين پکڙيل آهن، جن ۾ ٻٻر، ڪنڊي، ٻير، لئي ۽ باهڻ جا وڻ ٿين ٿا، جيڪي عام طور ڪاٺ حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن. ٻيلن مان اڪثر ڪري عمارتي ڪاٺ، ٻارڻ، ماکي، کنئور ۽ ريشمي پٽ ملي ٿو. ان کان سواءِ ٻيلا زمين جي حفاظت ڪن ٿا، جڏهن تہ درياھہ جي ڇوڙ وٽ سامونڊي ٻيلا ٿين ٿا، جن ۾ تمر جا وڻ وڏي اهميت رکن ٿا. هي ٻيلا اڪثر سمنڊ جي چاڙھہ کي روڪي ساحلي پٽيءَ جو بچاءُ ڪن ٿا. هي ٻيلا جهينگي (مڇيءَ) لاءِ خوراڪ مهيا ڪن ٿا ۽ پالتو جانورن، جھڙوڪ: ٻڪريءَ ۽ اُٺ ۽ ٻين جانورن جي خوراڪ مهيا ڪن ٿا. سنڌو درياھہ جي ٻيلن جي تباهيءَ جو ڪارڻ درياھہ جي وهڪري ۾ گهٽتائي ۽ وڻن جي غير قانوني واڍي آهي. موجودہ وقت ۾ ٻيلن جي اڪثر ايراضيءَ تي قبضا ڪيا ويا آهن. ٻيلن واري زمين تي وڏن جاگيردارن ۽ سردارن جون ڪيٽيون ٺاهيون ويون آهن. سنڌو درياھہ پنهنجون موجون مستيون ڇڏي چڪو آهي.
هن وقت درياھہ ۾ رڃ، واري ۽ ماحولياتي گدلاڻ آهي، شهرن ۽ ڪارخانن جي زهريلي پاڻي جي ڪري سنڌو هڪ وڏو سم نالو بڻجي ويو آهي.
پاڻيءَ جي کوٽ: سنڌ ۾ فصلن ۽ پوکن لاءِ آبپاشيءَ جو پاڻي سنڌوءَ درياھہ مان ملي ٿو. هتي ٽي بئراج آهن، جن ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج شامل آهن. ورهاڱي کان اڳ سنڌو درياھہ جو پاڻي سنڌ جي آبپاشيءَ لاءِ مخصوص هو. 1960ع ۾ سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ پنجاب جي ٽن درياهن جي وڪري سبب سنڌوءَ جي وهڪري ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي، جنهنڪري سنڌو درياھہ جي هيٺين علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي. ان کان سواءِ پنجاب ۾ سنڌو درياھہ تي نوان بئراج ۽ ڪئنال ٺھڻ شروع ٿيا، جن ۾ تونسا بئراج، چشما- جھلم لنڪ ڪئنال ۽ پنجند ڪئنال تعمير ڪيا ويا، ان سان پاڻي جي کوٽ وڌي، ڇاڪاڻ تہ اهي بئراج ۽ ڪئنال سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي مٿين وهڪرن وارا انگ اکر غلط ڏيکاري، سنڌ جي اجازت بغير ۽ زبردستي فيصلا وٺي تعمير ڪيا ويا، جڏهن تہ چشما- جھلم لنڪ ڪئنال صرف ٻوڏ وارو ڪئنال ڄاڻائي ٺاهيو ويو هو، جيڪو هاڻي دائمي واھہ طور وهايو وڃي ٿو، جنهنڪري سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ وڌي آهي.
هن وقت سنڌو درياھہ تي اڃا بہ وڌيڪ منصوبا رٿيا ويا آهن، جن ۾ ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم، ٿل ڪئنال سرفهرست آهن، جن جي ٺھڻ سبب سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ۽ سنڌ جا بئراج، واھہ ۽ زمينون بنجر ٿي وڃڻ جو انديشو آهي.
سال 1991ع ۾ حڪومتي سطح تي پاڻيءَ جو معاهدو ٿيو هو، پر اڄ سوڌو ان تي بہ عمل نہ ٿيو آهي، جنهنڪري پاڻيءَ جو مسئلو ڳنڀير صورت اختيار ڪري ويو آهي. سنڌ ۾ ربيع ۽ خريف جي فصلن لاءِ دستياب پاڻيءَ جو سراسري مقدار هيٺ ڏجي ٿو:
بئراج ربيع خريف جملي پاڻي (maf)
سکر 9.979 14.404 24.385
گڊو 2.234 6.406 8.838
ڪوٽڙي 4.070 6.740 10.812
ٽوٽل 16.184 27.552 44.488
سنڌ ۾ فصل جي پوکيءَ جون ٻہ اهم مندون آهن. هتي پوکي بہ آڳاٽي ٿئي ٿي ۽ لاباري جو وقت بہ اڳواٽ اچي ٿو، جنهنڪري حالتن پٽاندڙ نوان مسئلا جنم وٺن ٿا، جنهن ۾ آبپاشيءَ جي پاڻيءُ واري رسد سڀ کان اهم مسئلو آهي، ڇاڪاڻ تہ آڳاٽي فصل لاءِ پاڻيءَ جو اڳواٽ بندوبست هجڻ لازمي آهي تہ جيئن وقتائتي پوک ٿي سگهي.
سنڌ ۾ اونهاري وارن فصلن جي پوکيءَ ۽ پاڻيءَ جي ضرورت مارچ يا اپريل کان جولاءِ يا آگسٽ تائين هلي ٿي ۽ سياري واري فصلن جي پوکي نومبر کان ڊسمبر تائين هلي ٿي ۽ پاڻيءَ جي وڌ ۾ وڌ ضرورت مارچ تائين رهي ٿي، پر اڪثر حالتن ۾ سنڌ کي آبپاشيءَ لاءِ مقرر وقت تي پاڻي نہ ٿو ملي، پر جي ملي ٿو تہ ان وقت پوکيءَ جي موسم گذري چڪي هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو وڏي ايراضيءَ وارن فصلن جي پوکي رهجي ويندي آهي، جڏهن تہ پاڇاٽو فصل پوکڻ سبب گهٽ پيداوار لھي ٿي ۽ آبادگارن جي سيڙپ يا موڙي واري رقم بہ نہ ٿي نڪري. موجودہ وقت حالت اها آهي تہ سنڌو درياھہ اڪثر ڪري سـُڪل رهي ٿو ۽ سندس پيٽ مان واري اڏامندي رهي ٿي. سنڌ جي ٽنهي بئراجن جي حالت بہ ساڳي آهي. پوکيءَ جي وقت بہ وارابندي ڪئي وڃي ٿي.
پوکيءَ واري سرشتي جي تبديلي ۽ زمين جي زرخيزي: سنڌ ۾ پوکيءَ واري سرشتي ۾ فصلن کي گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ مندائتا ۽ ساليانا فصل اچن ٿا. فصلن جي ورڇ خريف ۽ ربيع جي مندن مطابق ٿيل آهي، جن ۾ ڪڻڪ، ڪپھہ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، مرچ مصالحا ۽ گاھہ يا چاري وارا فصل اچي وڃن ٿا.
ڀاڄيون ۽ باغباني بہ سنڌ جي پوکيءَ واري سرشتي جو حصو آهن، ڇاڪاڻ تہ اهڙين پوکن مان کاڌخوراڪ ۽ ناڻو ڪمايو وڃي ٿو. سنڌ ۾ ڀاڄيون، خريف ۽ ربيع جي مندن ۾ عام جام پوکيون وڃن ٿيون، جڏهن تہ باغ لڳائڻ جو رجحان بہ ڪافي حد تائين وڌندڙ آهي.
1932ع ۾ سکر بئراج ٺھڻ بعد سنڌ ۾ مکيہ فصلن جي پوکي مندائتن ۽ دائمي واهن تي ٿيڻ لڳي. هن وقت پوکيءَ جي سرشتي ۾ ايتري تبديلي آئي آهي، جو زمين لڳاتار پوک هيٺ اچي ٿي ۽ ان کي ڪنهن بہ قسم جي ساهي يا زرخيزي قائم رکڻ جو موقعو نہ ٿو ڏنو وڃي، جنهن سبب پيداوار ۾ گهٽتائي آئي آهي. سنڌ ۾ گهڻا فصل پوکڻ سبب زمين جون پيداواري صلاحيتون گهٽ ٿيون آهن ۽ آبپاشيءَ لاءِ گهٽ پاڻيءَ وارا فصل پوکيا پيا وڃن. سنڌ ۾ گهٽ پاڻيءَ وارن فصلن ۾ وونئڻ ۽ ڪڻڪ اهم آهن، پر ڪجهہ ٻيا فصل پڻ ڪاميابيءَ سان پوکي سگهجن ٿا.
سنڌ ۾ آبهوا جي تبديلين، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ پوکيءَ جي ناقص سرشتي سبب زمين جي زرخيزي سخت متاثر ٿي آهي. زمين جي زرخيزي وڌائڻ لاءِ وٿاڻ جو ڀاڻ، سائو ڀاڻ ۽ فصل جون ڇڏيل ڏانڊيون ۽ پاڙون وغيرہ زمين ۾ ملائڻ ضروري آهن. سنڌ جي زمين ۾ نامياتي مادي جي کوٽ آهي، جنهن جو سبب لڳاتار پوکيءَ ڪري زمين مان خوراڪي جزن جو کپي وڃڻ آهي. ان ڪري زمين جي نہ صرف زرخيزي گهٽ آهي، پر پيداواري صلاحيتون بہ گهٽجي ويون آهن.


لفظ سنڌ جي زراعتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو