سنڌ جو شعبان مولانا عبدالڪريم چشتي (ڪتاب): هن ڪتاب کي نامياري ليکڪ عبدالرحمٰن جتوئيءَ ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جي سوانح عمريءَ کان علاوہ ناميارن ليکڪن غلام محمد گرامي، پروفيسر لطف ﷲ بدوي، علي محمد شاھہ راشدي'>پير علي محمد شاھہ راشدي، يار محمد ٽانوري، ’مسلم‘ رفيق احمد سومرو ۽ راشد راهيءَ جا مولانا چشتي مرحوم جي زندگي ۽ سندس علمي ادبي خدمتن تي مضمون ڏنل آهن ۽ آخر ۾ مولوي ﷲ ثنائي'>ثناءُ ﷲ ثنائي، حڪيم محمد احسن چنا، رشيد احمد لاشاري، نياز همايوني ۽ ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ پاران مولانا چشتي مرحوم کي ڏنل منظوم خراج عقيدت شامل آهي. پڪي جلد، ٻن رنگن واري ٽائيٽل ۽ 114 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي ’سنڌي ساهت سوسائٽي، شڪارپور- لاڙڪاڻو‘ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 10 روپيا ڄاڻايل آهي.