سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر

سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر

سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر

سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر (ڪتاب): هي سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي سوانحي خاڪن تي مشتمل ڪتاب نامور اديب ڊاڪٽر عبدالجبار ‘عابد’ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ ادب جي ابتدائي دؤر کانورهاڱي تائين جي شخصيتن کي سهيڙي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين سنڌ جي عالمن اديبن جي نالي ڪيل آهي. ليکڪ ڪتاب جو مقدمو ‘ڪجهہ هن ڪتاب جي باري ۾’ جي عنوان سان لکيو آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ 269 شخصيتن جا خاڪا ڏنا آهن. جڏهن تہ آخر ۾ انهن عالمن ۽ اديبن جي فهرست پڻ ڏني آهي، جن جا خاڪا ڪن سببن ڪري ڏئي نہ سگهيو آهي. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب شاھہ ولي اڪيڊمي، حيدرآباد اپريل 2008ع ۾ ماهوار ‘الرحيم’ جي خاص سوانح نمبر طور ڇپيو. 288 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.


لفظ سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو