سنڌ جا صوفي شعراء ڪرام

سنڌ جا صوفي شعراء ڪرام

سنڌ جا صوفي شعراء ڪرام

سنڌ جا صوفي شعراء ڪرام (ڪتاب): هي سنڌ جي صوفي شاعرن جي سوانح حيات تي مشتمل ڪتاب ڊاڪٽر عبدالجبار ‘عابد’ لغاريءَ جو تصنيف ڪيل آهي. ڪتاب جي ارپنا سنڌ جي صوفي شاعرن ۽ بزرگن کي ڪيل آهي. ڪتاب جو مقدمو ‘پنهنجو پاڻ سڃاڻ’ جي عنوان سان مصنف پاڻ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سيد علي ثاني شيرازي ٺٽوي، شاھہ ڪريم، شاھہ لطف قادري، جرڪس فقير، مئين شاھہ عنايت رضوي، شاھہ عنايت شهيد، مخدوم ضياء الدين، شاھہ عبدالطيف ڀٽائي، جلال کٽي، ميين صاحبڏني فاروقي، خواجہ محمد الزمان لنواري واري، شاھہ قطب شاھہ، مدن ڀڳت، عبن فقير دهلڙي واري، سيد محمد بقا راشدي، سچل سرمست، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، فقير عبدالله ڪاتيار، تمر فقير، سامي، مراد فقير، شاهو فقير، صوفي صديق فقير ‘صادق’ سومري، خليفي نبي بخش قاسم، پير محمد اشرف شاھہ، روحل فقير، ققير غلام حيدر شر، خوش خير محمد هيسباڻي، قادر بخش ‘بيدل’، مصري شاھہ، مخدوم محمد امين پکن ڌڻي، رکيل شاھہ، فقير غلام حيدر تيرهيي، سيد حسين بخش ڊٺڙي واري، محمود فقير کٽياڻ، فقير محمد بخش ‘بيڪس’، منٺار فقير راڄڙ، غمدل فقير، دلپت صوفي، محمد فقير کٽياڻ سميت 128 شاعرن جي سوانح حيات ۽ انهن جي شاعري جو نمونو ڏنل آهي. ڊيمي سائيز ۾ رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب شاھہ ولي اڪيڊمي، حيدرآباد پاران ڇپيو. هي ڪتاب ‘الرحيم’ رسالي جي پرچن مئي 2007ع کان اپريل 2008ع تائين جو خاص صوفي شعراء ڪرام نمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو