سنڌ جا زيور

سنڌ جا زيور

سنڌ جا زيور

سنڌ جا زيور (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشھور ليکڪ محمد سومار شيخ جو سنڌ جي زيورن بابت بھترين ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. ليکڪ ڪتاب سنڌ جي زيورن جي تاريخ، زيور ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڌاتو ۽ خام مواد، مختلف وکرن ۽ وٿن جي استعمال، اوزارن ۽ ٿانو ٿپن جي استعمال، سون ڳارڻ، سون صاف ڪرڻ، مختلف ڌاتن جي زيورن کي ٺاهڻ جي عمل، مرحلن، زيور جُڙي راس ٿيڻ تائين مڪمل ۽ مفصل ڄاڻ ڏني آهي. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هر هڪ قبيلي جي زيورن ۽ مختلف عضون جي سمورن زيورن ۽ زيورن جي مختلف قسمن، وڙن، ڊول ۽ ڊزائينن، شڪلين ۽ تصويرن کي وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي عروج واري دؤر کان وٺي موجودہ دؤر تائين سنڌ ۾ زيورن جي استعمال بابت وضاحت ڪئي ويئي آهي. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشوري طرفان پهريون ڀيرو 1989ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 119 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو