سنڌ جا دوائن وارا فصل ۽ وڻ ٻوٽا

سنڌ جا دوائن وارا فصل ۽ وڻ ٻوٽا

سنڌ جا دوائن وارا فصل ۽ وڻ ٻوٽا

سنڌ جا دوائن وارا فصل ۽ وڻ ٻوٽا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور ليکڪ، زرعي ماهر ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيي جو لکيل آهي. ليکڪ هن ڪتاب جو انتساب پنھنجي چاچي حڪيم ميان الهرکئي تنئي، استاد حڪيم قاضي عبدالڪريم، سنڌ ۾ دوائن جا فصل اپائيندڙ هارين، جڙين ٻوٽين ۽ پسارڪي وکر جي ڄاڻو حڪيمن ۽ سنڌ جي سدا حيات شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (جنهن پنھنجي شاعريءَ ۾ جڙين ٻوٽين ۽ طبيبن جو ذڪر ڪيو آهي) جي نانءِ ڪيو آهي. شمس الدين تنئي جو هي ڪتاب ’طبي ۽ ماحوليات دوست ٻوٽن جي جديد پوک تي مشتمل آهي. هيءُ ڪتاب ڏهن بابن تي مشتمل آهي.
هن ڪتاب جي شروعات ۾ ٻہ اکر ليکڪ پاڻ لکيا آهن، جڏهن تہ مهاڳ مير نادر علي ٽالپر جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 645 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب 2011ع ۾ روشني پبليڪيشن طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 550 روپيا آهي. هن ڪتاب کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2011ع جي بھترين ڪتاب جو اوارڊ 2012ع ۾ ڏنو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو