
سنڌ اڀياس اڪيڊمي
سنڌ اڀياس اڪيڊمي: هيءَ اڪيڊمي مشھور تعليمي اداري ’زيبسٽ‘ جو حصو آهي. ان جو بنياد مارچ 2012ع ۾ پيو ۽ آگسٽ 2012ع ۾ زيبسٽ پاران منعقد ڪرايل ’سنڌ اسٽڊيز سيمينار‘ جي موقعي تي ان جو افتتاح ڪيو ويو. سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جو مقصد سوشل سائنسز پڙهندڙ شاگردن کي سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ سنڌي سماج تي تحقيق لاءِ آمادہ ڪرڻ آهي. سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غزاله رحمان رفيق آهي. سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جو افتتاح ’زيبسٽ‘ جي پريزيڊنٽ ڊاڪٽر ثاقب رازويءَ ڪيو هو. ان موقعي تي سوشل سائنس جي شاگردياڻي حفضه شاھہ جيلانيءَ، سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ٺاهيل ’لوگو‘ بابت سمجهاڻي ڏني هئي.
سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ زيبسٽ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ ماسٽرس، ايم.فل ۽ پي. ايڇ. ڊي جا ڪورس تيار ڪرڻ جو ڪم جاري آهي. هيءَ اڪيڊمي زيبسٽ جي مکيہ ڪئمپس ڪراچيءَ ۾ قائم آهي (وڌيڪ ڏسو: زيبسٽ، جلد 6).